نااهل ماڻهن خلاف بغاوت ڪرڻ فرض آهي: فضل الرحمٰن

لاڙڪاڻو :- جَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نااهل ماڻهن خلاف بغاوت ڪرڻ فرض آهي، ان جهاد کان پوئتي هَٽڻ کي ڏوهه سمجهون ٿا، سموريون جماعتون حڪومت جَي خاتمي تي متفق آهن. لاڙڪاڻي ۾ شهيدِ اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سي پيڪ کي ناڪام بڻائي چين کي ناراض ڪرڻ حڪومت جِي ايجنڊا  هئي، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات به پاڪستان کان ناراض آهن