نائيجيريا ۾ 2 خودڪش بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو, سيڪيورٽي اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

ابوجه:- نائيجيريا ۾ 2 خودڪش بمبار عورتن سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان روڪڻ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب نائيجريا جي هڪ مصروف بازار ۾ 2 شڪي عورتن داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي اتي موجود سيڪيورٽي اهلڪارن کين روڪي ورتو ۽ تلاشي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ٻنهي عورتن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي سبب هڪ سيڪيورٽي اهلڪار ۽ هڪ شهري مارجي ويو جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.مارجي ويلن ۽ زخمي ٿيندڙن کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن خودڪش حملي آور مارڪيٽ ۾ داخل ٿي وڃي ها ته وڏي پيماني تي تباهي ٿئي ها ۽ ڪيترين ئي انساني جانين جو نقصان ٿئي ها.واضح رهي ته نائيجيريا ۾ ڪيترائي شدت پسند گروپ حڪومت سان جهيڙي ۾ آهن جنهن سبب امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي. هاڻ عورتون به ان شدت پسند پارٽي جو حصو بڻجي رهيون آهن ۽ هلندڙ سال عورت خودڪش حملي آور جي اها پهرين ڪارروائي آهي. جڏهن ته گذريل سال اهڙا 5 واقعا پيش آيا هئا.