نائيجيريا ۾ هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، ٽيتاليهه هارين کي ڪُهي ڇڏيو

ميدوگوري: آفريڪي ملڪ نائيجيريا ۾ هٿيابندن هڪ ڳوٺ تي حملو ڪري ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ 43 هارين کي ڪهي ڇڏيو.عالمي خابرو اداري موجب نائيجيريا جي رياست بورنو جي ڳوٺ خوشوبي ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ 43 ماڻهن کي ڪهي ڇڏيو جڏهن ته 6 ڳوٺاڻا زخمي حالت ۾ ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.ان افسوسناڪ ڪارروائي جي ڪنهن به شدت گروپ ذميواري نه کئين آهي، ان موقعي تي امدادي ڪارروائين ۾ مصروف فوجي آفيسرن ميڊيا کي ٻڌايو ته اهڙين ڪاررواين ۾ گهڻو ڪري بوڪوحرام وارا ڪندا آهن.گذريل مهيني ۾ ٻه ميدوگوري جي علائقي ۾ بوڪو حرام ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ هارين تي حملو ڪري ڏنو هو جنهن جي نتيجي ۾ 22 هاري مارجي ويا هئا