نئين پاڪستان ۾ نوڪريون قرعه اندازي ذريعي ڏنيون وينديون

لاهور :-  پاڪستان ريلوي ۾ گريڊ هڪ کان پنج تائين جي ڀرتي جي لاءِ ريڪروٽمنٽ رولز ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.وفاقي حڪومت ريلوي جي اپيل ريڪروٽمنٽ رولز ۾ ترميم کان پوءِ قرعه اندازي جي ذريعي ڀرتي جي منظوري ڏني جنهن جو نوٽيفيڪشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ريلوي ۾  1 کان 5 تائين جي خالي جاين تي نئين ڀرتي ٽيسٽ ۽ انٽرويو جي بدران قرعه اندازي جي ذريعي ٿيندي.ريلوي ذريعن جو چوڻ آهي ته قرعه اندازي ۾ نالو نڪرڻ جي صورت ۾ ميڊيڪل کان پوءِ اميدوار کي ملازمت ملي ويندي.ريلوي اختيارين موجب ريلوي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ خالي جاين جي لاءِ 9 لک کان وڌيڪ درخواستون مليون آهن ان ڪري لکين درخواستگذارن کان ٽيسٽ ۽ انٽرويوز وٺڻ ممڪن ناهي.