نئين ديري ويجهو معصوم نياڻي اغوا بعد گهٽا ڏئي بيدرديءَ سان قتل، ٻوري ۾ بند لاش هٿ

نئون ديرو :- نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ موريا فقير ۾ زيتونن جي باغ مان شمس الدين موريو جي ٽيوب ويل وٽان  ٻاچڪي ۾ ويڙهيل لاش هٿ آيو آهي جنهن جي سڃاڻپ 10 ورهين جي پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي بيبي عرف زارا ڌيءَ امير بخش منگيءَ طور ٿي آهي. نينگريءَ کي ڳلي ۾ پلاسٽڪ جي رسيءَ سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي جيڪا رسي به ڳلي ۾ ويڙهيل ملي آهي. باغ ۾ پيل لاش جي اطلاع تي نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش نئون ديرو اسپتال کڻائي آئي، جتي پوسٽ مارٽم لاءِ ڊاڪٽرياڻي موجود نه هئڻ ڪري هڪ ڪلاڪ تائين نينگريءَ جو لاش ٻاچڪي ۾ ويڙهيل پيل رهيو. ڊاڪٽرياڻيءَ جي اچڻ بعد ٻاچڪو کوليو ويو جنهن ۾ نينگريءَ جي ڳلي ۾ ويڙهيل پلاسٽڪ جي رسي پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ نينگريءَ جي والد امير بخش منگي ٻڌايو ته منهنجي نياڻي صبح جو چانهه لاءِ پاڙي مان کير وٺڻ وئي ته واپس نه موٽي جنهن جي سڄو ڏينهن ڳولا به ڪئي پر ڪٿان به ڏس پتو نه مليو. اسان پاڪ ڪتاب کڻي سڄي ڳوٺ ۾ گهمايوسين پر ڪنهن به ڪو ڏس نه ڏنو. رات جو اسان کي نياڻيءَ جو شمس موريو جي ٽيوب ويل وٽان زيتونن جي باغ مان ٻاچڪي ۾ ويڙهيل لاش مليو جنهن جو اطلاع اسان پوليس کي ڪيو جنهن بعد پوليس پهچي لاش اسپتال کڻائي آئي آهي. هن چيو ته اسان سان ناحق ڪيو ويو آهي ۽ اسان کي شڪ آهي ته جوابدار شيراز پٽ اڪبر موريو اسان جي نياڻيءَ سان زيادتي ڪرڻ بعد کيس بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش باغ ۾ اڇلايو آهي. پوليس جوابدار شيراز کي گرفتار ڪري جاچ ڪري ته هن سان وڌيڪ ڪيترا جوابدار شامل آهن. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب نينگريءَ کي رسيءَ سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي. نينگريءَ جي جسم جا جزا ورتا آهن جيڪي ليبارٽري اماڻيا ويندا. وڌيڪ رپورٽ اچڻ بعد ڪجهه چئي سگهبو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي نئون ديرو محمد يوسف بروهي جو چوڻ هو ته اسان پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ جي انتظار ۾ آهيون وڌيڪ نينگريءَ جا وارث جنهن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندا ته اسان ان مٿان ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪنداسين.