نئين اسپورٽس قومي پاليسي تي بين الصوبائي وزارت متحرڪ ٿي وئي

اسلام آباد: نئين قومي اسپورٽس پاليسي تي بين الصوبائي وزارت ۽ پاڪستان اسپورٽس متحرڪ ٿي ويا آهن.وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير فهميده مرزا جي سروس اسپورٽس ڪنٽرول بورڊ جي صدر ايڊمرل عبدالباسط سان ملاقات ٿي.ملاقات ۾ سيڪريٽري اسڪواش فيڊريشن گروپ ڪيپٽن طاهر سلطان ۽ ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ آصف زمان به موجود هو، ان ملاقات ۾ قومي اسپورٽس پاليسي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.اسپورٽس بورڊ عملدارن پاران پاليسي جي سلسلي ۾ تجويزن تي سروسز اسپورٽس بورڊ جي سربراهه ۽ پي ايس ايف جي سيڪريٽري طاهر سلطان کي بريفنگ ڏني وئي.وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته اسپورٽس کي نصاب جو حصو ڪرڻ گهرجي ته جيئن گراس روٽ تائين اسپورٽس کي پذيرائي ملي سگهي.ان موقعي تي هن واضح ڪيو ته اسپورٽس فيڊريشن سان ملي اسپورٽس پاليسي تشڪيل ڏينداسين ته جيئن ملڪ ۾ راندين جي صورتحال بهتر ٿي سگهي