نئين آءِ جي مشتاق مهر کي امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي هدايت

ڪراچي :- وڏي وزير مراد علي شاهه نئين آءِ جي مشتاق مهر کي چارج سنڀالڻ سان گڏ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ بهتر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه سان نئين مقرر آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ملاقات ڪئي، اُن موقعي تي نئين آءِ جي طرفان وڏي وزير کان چارج سنڀالڻ جي اجازت گهري، جيڪا وڏي وزير منظور ڪئي. اُن موقعي تي وڏي وزير صوبي ۾ امن امان بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ ۾ امن امان لاءِ پوليس جو وڏو ڪردار آهي، پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بهتر قدم کڻي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته پوليس جي موجودگيءَ ۾ عوام کي پريشاني بدران تحفظ جو احساس هجڻ گهرجي.
ملاقات دوران نئين آءِ جي مشتاق مهر طرفان وڏي وزير کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي خاطري ڪرائي. وڏي وزير کيس چارج سنڀالڻ جي هدايت ڪئي.
اُن کانپوءِ نئين آءِ جي مشتاق مهر سينٽرل پوليس آفيس پهتو، جتي سندس ڀرپور آجيان ڪئي وئي ۽ هُن آفيسرز سان به هٿ ملايو. اُن موقعي تي نئين آءِ جي مشتاق مهر ۽ رخصت ٿيندڙ آءِ جي ڪليم امام کي پوليس جي خاص دستي جنرل سلامي پيش ڪئي. اُن کان اڳ ٻنهي آفيسرز شهيدن جي يادگار تي گُل رکيا ۽ دعا به بهري. نئين آءِ جي مشتاق مهر رخصت ٿيندڙ آءِ جي سان ملاقات بعد عهدي جي چارج باضابطا طور سنڀالي ورتي آهي.