نئون ڪوٽ ڀرسان شهيد فاضل راهو جي چوٽيهين ورسي، شاندار ڀيٽا پيش

نئون ڪوٽ:= شھيد عوام فاضل راهو جي 34 ھين ورسي سنڌ ھاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ ٿرپارڪر پاران نئون ڪوٽ لڳ رحمان آباد  ڳوٺ پٽيل ناٿو ڪولهي ۾ ملھائي وئي.ان موقعي تي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي قيادت صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ وسند ٿري، ڪلتار ميگھواڙ، رحمان نھڙي، ممتاز قاسماڻي، مگهنو ڪولهي، رامجي ڪولهي، رمضان ڪلوئي،اشرف رند، سائينداد ھنڱورجو، بلاول بجير ۽ ڀارو ڪولهي سان گڏوگڏ سياسي سماجي ورڪر ۽ فڪر پليجي سان وابسته ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ورسي جي موقعي تي اڳواڻن شھيد  فاضل راهو جي زندگي تي ڳالھائيندي چيو ته  فاضل راهو سنڌ جو ھڪ عظيم ھيرو آھي جيڪو ھميشه غريب ھارين ۽ آبادگارن جو آواز بڻيو، فاضل راهو سنڌ جي ھارين کي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن وڏيرن ۽ ڀوتارن جي سامھون بيھڻ سيکاريو، ڪنھن سرمائيدار، جاگيردار ۽ وڏيري جي اڳيان نه جهڪيو غريبن مسڪينن لاءِ وڙھندي وڙھندي پنھنجو جيون  ھارين ۽ غريب ماڻھن  تان قربان ڪيو اڄ پوري سنڌ شھيد  فاضل راهو کي شھيد عوام جي لقب سان پُڪاري ٿي