نئون ديرو ۾ زارا منگي جي قتل جا ثبوت گُم ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽرياڻيون گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت پهچي ويون

لاڙڪاڻو :-  نئون ديرو ۾ زارا منگي جي قتل جا ثبوت گُم ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽرياڻيون گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت پهچي ويون. ڊاڪٽرياڻيون جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي بيان ڏيڻ بدران عدالت پهتيو ۽ جي ٽي آءِ جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته  ڊاڪٽر نائلا ڀٽو ۽ ڊاڪٽر افشي ڀٽو جي گهرن تي ڇاپا هنيا پر اُهي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويون. ليڊي ڊاڪٽر نائلا ڀٽو ۽ ڊاڪٽر افشين ڀٽو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويون، جتي هُنن وڪيل ذريعي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ورتي آهي. عورتن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته سندن گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري پوليس کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي. واضح رهي ته نئون ديرو ۾ اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل ٿيل معصوم ٻارڙي زارا منگي جي ڪيس ۾ ٻنهي ڊاڪٽرز کي به جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. مٿن الزام آهي ته ٻنهي ڊاڪٽرياڻين زارا منگي قتل ڪيس جو رُخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ غلط جاري ڪئي هئي. اُن کانسواءِ ٻنهي ڊاڪٽرياڻي تي زارا منگي سان ٿيل ڪلور جا ثبوت به مِٽائڻ جو الزام آهي.عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ بعد ڳالهائيندي ڊاڪٽرياڻين جي ٽي آءِ طرفان لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته هُنن شاهديون گُم نه ڪيون آهن، زارا منگي جو هُنن پوسٽ مارٽم ئي نه ڪيو آهي. اهڙا الزام هڻي سندن ساک خراب ڪئي پئي وڃي.ڊاڪٽرياڻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ۽ پوليس جو موقف ٻئي پاسي نئون ديرو پوليس زارا منگي قتل ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ٿيل ڊاڪٽرياڻين جي گرفتاري لاءِ مبينا ڇاپا هنيا پر سندن گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. پوليس جو چوڻ آهي ته سندن ڇاپي کان اڳ ڊاڪٽر نائلا ۽ افشين ڀٽو گهر خالي کي فرار ٿي ويون. زارا منگي جي قتل جي حوالي سان شاهديون گُم ڪرڻ جي الزام ۾ کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، هڪ اڌ ڏينهن ۾ ٻئي ڊاڪٽرياڻيون گرفتار ٿي وينديون.جي آءِ ٽي ۾ عدم پيشي ۽ ڊي آءِ جي جو موقفگذريل ڏينهن ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ چيو هو ته زارا منگي قتل ڪيس جي حوالي سان جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، رڳو ٻن ڊاڪٽرياڻين نائلا ۽ افشين ڀٽو جي حوالي سان جاچ ڪرڻي آهي هُنن ڄاڻي واڻي شاهديون گُم ڪيون يا لاشعوري طور ائين ٿيو آهي. ٻنهي ڊاڪٽرياڻين کي اڄ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجو موقف ڏيڻو هو، پر اُهي پيش نه ٿيون آهن.لاڙڪاڻي ۾ ڪيس جي جوابدارن جي ضمانتهوڏانهن پوليس زارا منگي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار ممتاز ۽ حفيظ موريو کي لاڙڪاڻو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس عدالت کي رمانڊ جي استدعا ڪندي چيو ته جوابدارن کان جاچ مڪمل ڪرڻ بعد پڪو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. عدالت ٻنهي جوابدارن جو 6 ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪندي 27 آگسٽ تي پڪو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.