نئون ديرو مان سادن ڪپڙن ۾ اهلڪار حڪيم کي کنڀي ويا، وارثن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج

نئون ديرو:- نئون ديرو ۾ سادن ڪپڙن ۾ ماڻهن جي ڪاروائي، حڪيم کي کنڀي وئي، پوليس واقعي کان بي خبر، وارثن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج، خبر موجب نئون ديرو ۾ اسٽيشن روڊ تي قائم ڪيل حڪيم مشتاق سومرو جي دواخاني تي ساده ڪپڙن ۾ ملبوث ماڻهن دواخاني تي چڙهائي ڪري دواخاني تي ويٺل حڪيم مشتاق سومرو کي کنڀي کڻي ويا آهن.هوڏانهن نئون ديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته اسان کي معاملي خبر نه آهي ته حڪيم مشتاق سومرو کي ڪير کڻي ويو آهي. جڏهن ته حڪيم جي وارثن پريس ڪلب ۾ دانهيدي قمرالدين سومرو، محمد عالم سومرو، ممتاز سومرو ۽ ٻين  چيو ته حڪيم مشتاق پنهنجي دواخاني تي ويٺل هيو ته ساده ڪپڙن ۾ ملبوث ماڻهن چڙهائي ڪري حڪيم کي گهلي گاڏي ۾ وجهي کڻي ويا. ٻن گاڏين مان هڪ پوليس موبائل SPF-625  جي هئي ۽ ھڪ پرائيويٽ ڪار ۾ سوار هئا.