نئون ديرو اسپتال جي ٻن ڊاڪٽرياڻين کي زارا منگي جي قتل ڪيس ۾ شامل ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن تي به احتجاج

نئون ديرو: :- نئون ديرو اسپتال جي ٻن ڊاڪٽرياڻين نائلا ڀٽو ۽ افشين ڀٽو مٿان بيبي زارا منگي جي قتل ۾ 201 قلم لڳائي قتل ڪيس ۾ شامل ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به نئون ديرو ۽ ڳڙھي خدابخش ڀٽو جي اسپتالن جي ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين ۽ پيراميڊيڪل عملي پاران ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري او پي ڊيز جو بائڪاٽ جاري رکيو جنهن ڪري نئون ديرو، ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۽ ڀرپاسي جي ڏورانهن علائقن کان علاج لاءِ پهتل مريض رولڙي جو شڪار ٿي ويا.نئون ديرو اسپتال کان ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين ۽ پيراميڊيڪل عملي پاران ايم ايس ڊاڪٽر امداد گهانگهرو، ڊاڪٽر گل محمد هڪڙو، ڊاڪٽر نائلا ڀٽو، ڊاڪٽر افشين، ضمير لاکو، رياض ڀرچونڊ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اسپتال کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جي مختلف روڊن رستن کان ”ڪوڙي جي آءِ ٽي نامنظور، زارا جي خون سان انصاف ڪيو، ڊاڪٽرياڻين مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو“ جا نعرا هڻندي پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر افشين ڀٽو مقتولا زارا منگي جي پوسٽ مارٽم دوران ورتل تصويرون هٿن ۾ کڻي چيو ته پوليس اسان سان مسلسل ناجائزيون ڪيون آهن يا پوليس ڪنهن کي بچائڻ ٿي چاهي؟ اسان ڊاڪٽرن کي ٽارگيٽ ڪري رهي آهي جنهن ڪري اسان مجبور ٿي روڊن تي نڪري آيا آهيون. جوڙيل ميڊيڪل بورڊ يا پوليس اسان سان ويهي ڳالهائن اسان کان پڇاڻو ڪن اسان وٽ سڀ ثبوت موجود آهن. جن ڊاڪٽرن غلط رپورٽ پيش ڪئي آهي اهي به ۽ عوام به ڏسي ته ڊاڪٽرن ڪهڙيون غلط ڳالهيون ۽ افواهه ڦهلايا آهن عام ماڻهون کي ڪهڙي خبر ته ڊاڪٽرن جون رپورٽون ڪيئن ٺهنديون آهن.نئون ديرو شهر وارا شاهد آهن ته هن تصوير ۾ مقتولا نينگري جو اکيون بند، وات بند، زبان ٻاهر نڪتل نه آهي يا وري ڪپڙن خون وهندي نظر اچي ٿو. ميڊيڪل بورڊ ڊاڪٽرن جيڪي ڳالهيون ٻڌايون آهن اهي قبر جون ڳالهيون آهن جيڪي ٽن ڏينهن کان پوءِ اهي ڳالهيون ٿينديون آهن جسم قبر ۾ آهستي آهستي ڳرندو آهي اسان پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته زارا منگي سان جنسي زيادتي ٿي آهي اسان سواب کڻي روهڙي ليبارٽري اماڻيا. نينگري کي رسيءَ سان گهٽو ڏئي قتل ڪيو منگي برادري جلديءَ ۾ رپورٽ وٺڻ لاءِ اسان مٿان دٻاءُ وڌو ۽ اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ان وقت اسان ٻئي ڊاڪٽرياڻيون هيون سين ۽ اسان گڏ ايم ايل او گڏ موجود هيو، ان وقت نه ڪا پوليس هئي ۽ نه ڪي ٻيا اعليٰ آفيسر اسان سان گڏ موجود هئا.اسان منگي برادري کي اپيل ٿا ڪريون ته جيڪڏهن توهان زارا منگي جو ڪيس لوڙهڻ نه ٿا چاهيو ته اسان ڊاڪٽرن کي ٽارگيٽ ڪرڻ بند ڪريو. زارا منگي جي ڪيس جا اصل شاهد اسان آهيون اسان جي گواهي تي زارا منگي جي قاتلن کي سزا ايندي، نه ڪي ان جي آءِ ٽي رپورٽ جي بنياد تي جيڪا بي بنياد ۽ ڪوڙي رپورٽ آهي. اسان وٽ ثبوت موجود آهن جنهن جي بنياد تي قاتلن کي سزا ايندي.ڊاڪٽر نائلا ڀٽو چيو ته اسان بي گناهه بيقصور آهيون زارا منگي جي ڪيس جا گواهه آهيون اسان جي گواهي ختم نه ڪريو اسان ٻنهي ڊاڪٽرن کي ميڊيا ۽ عام ماڻهن اڳيان ائين پيش ڪيو ويو ڄڻ اسان مجرم آهيون اسان مجرم نه آهيون اسان زارا منگي کي انصاف ڏيارينداسين.نئون ديرو اسپتال جي ايم ايس امداد گهانگهرو جوڙيل ميڊيڪل بورڊ ۽ جي آءِ ٽي کي رد ڪندي چيو ته ڊاڪٽرياڻين جيڪو پرويئن رپورٽ ڪڍي آهي ۽ سواب به ورتا آهن ان جو ويٽ ۽ واش ڪبو آهي جيڪڏهن اهو نيگيٽو نڪري ٿو ته پوءِ اهي ڏوهي آهن ۽ ليبارٽري وارن به پازيٽو رپورٽ ڏني آهي ۽ ان ۾ ڪجهه به لڪيل نه آهي زارا منگي سان تمام گهڻي بيواجبي ٿي آهي اسان منگي برادري سان گڏ آهيون اسان جي اڄ نڪتل ريلي جو مقصد ئي اهو آهي ته مقتولا زارا منگي جي خون سان انصاف ڪريو.جيڪڏهن جي آءِ ٽي وارا ايترا سچا آهن ته پوءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڇو نه ڪرائي رهيا آهن جي آءِ ٽي هن وقت تائين اهو به واضع نه ڪيو آهي ته زارا منگي جي قتل ۽ جنسي ذّيادتي ۾ ڪيترا جوابدار ملوث آهن  جي آءِ ٽي جو ڪم اهو آهي ته ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌو وڃي ته جيئن جوابدار نه بچي سگهن پوليس هاڻ اهو ڪم ڪري رهي آهي ته اصل جوابدارن کي ڇڏي ڊاڪٽرياڻين جي پويان پئجي وئي آهي اسان کي جي آءِ ٽي تي ڀروسو نه آهي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ  جاچ پاڻ ڪري يا ڊاڪٽر امير شيخ کان جاچ ڪرائي پوءِ جيڪا رپورٽ ايندي اها اسان کي منظور هوندي جن ماڻهن جاچ ڪئي آهي اهي زارا منگي جو خون لوڙهڻ ٿا ڊاڪٽر هوندو ئي شاهديءَ لاءِ آهي.اسان پاڻ نياڻين وارا آهيون اسان ڪنهن به نياڻي سان ذيادتي نه ٿا ڪري سگهون اسان جي آءِ ٽي مٿان بي اعتمادي ظاهر ڪريون ٿا ڊاڪٽرگل محمد هڪڙو چيو ته جڏهن موت جو ڪارڻ معلوم ٿيندو آهي ته پوءِ ان جي وڌيڪ چير ڦاڙ نه ڪندا آهيون  ڊاڪٽرياڻين پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته نياڻي زارا منگي سان جنسي ڏاڍائي ٿي آهي ۽ موت رسيءَ سان گهٽو ڏيڻ جي ڪري ٿيو آهي پوليس وڏي بيواجبي ڪئي ته ڊاڪٽرياڻين کي خون جي ڪيس ۾ ملوث قرار ڏنو آهي هي ڪهڙو انصاف آهي؟ اسان جو مطالبو آهي ته ڊاڪٽرياڻين تان ڪيس واپس ورتو وڃي ۽ معصوم زارا جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.جڏھن ته ڳڙھي خدابخش ڀٽو اسپتال ۾ ڊاڪٽر سڪندر منگي، ڊاڪٽر محمد علي ڀٽو، ڊاڪٽر راحيلا، ڊاڪٽر فوزيه، ڊاڪٽر الطاف، ڊاڪٽر نثار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مٿي ڄاڻايل مظاهرين جو چوڻ ھو ته بيبي زارا جي قتل ڪيس ۾ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ٻن ڊاڪٽرياڻين مٿان 201 قلم لڳائي قتل جي ڪيس ۾ ٻين جوابدارن سان گڏ جوابدار نامزد ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.هنن چيو ته اسان کي جي آءِ ٽي تي اعتراض آھن ۽ جي آءِ ٽي جي ڪيل جاچ کي مڪمل رد ڪريون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته نئون ديرو اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين نائلا ڀٽو ۽ افشين ڀٽو مٿان داخل ڪيس واپس ورتو وڃي ۽ ٻي صورت ۾ ڊاڪٽرن پاران او پي ڊيز ۽ پوسٽ مارٽم جو بائيڪاٽ جاري رکيو ويندو.