مڪلي ۾ قومي شاهراهه تي فلاءِ اوور نه هجڻ سبب آئي ڏينهن حادثا پيش اچڻ لڳا شاگردياڻيون ۽ سندن والدين رستن تي نڪري آيا

ٺٽو :- مڪلي ۾ قومي شاهراهه تي فلاءِ اوور نه هجڻ سبب آئي ڏينهن حادثا پيش اچڻ لڳا. شاگردياڻيون ۽ سندن والدين رستن تي نڪري آيا. ملڪي جي گرلز هاءِ اسڪول جون سوين شاگردياڻيون قومي شاهراهه تي فلاءِ اوور نه ٺاهڻ خلاف رستن تي نڪري آيون. شاگردياڻين جي احتجاج ۾ استادن ۽ وارثن به ڀرپور شرڪت ڪئي. اُن موقعي تي ڌرڻو هڻي قومي شاهراهه بند ڪئي وئي، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏيون بيٺل رهيون.
اُن موقعي تي شاگردياڻين دانهيو ته کين گرلز اسڪول ۾ پڙهائي لاءِ وڃڻ لاءِ روزانو قومي شاهراهه تان گذر ڪرڻو پوندو آهي، جتي فلاءِ اوور نه هجن سبب روزانو حادثا پيش ايندا آهن. مختلف وقتن تي گاڏين جي ٽڪر ۾ جاني نقصان به ٿيو آهي. مظاهرين چيو ته هتان جي چونڊيل ۽ وزيرن سوڌو سمورين واڳيل اختيارين آڏو ڪيترائي ڀيرا دانهيو، پر ڪوبه تدارڪ نه ڪيو ويو، شاگردياڻين کي خطرناڪ قومي شاهراهه جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. مظاهرين شاگردياڻين جون حياتيون بچائڻ لاءِ قومي شاهراهه تي فلاءِ اوور تعمير ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.