مڪلي ۾ سنڌ سڀا جو کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ 12 ڪلاڪ ڌرڻو

ڪراچي ( رپورٽ : رزاق عاصي ) مڪلي پريس ڪلب اڳيان سنڌ سڀا ڌرڻو هڻي کنڀي گم ڪيلن جي آزادي جو مطالبو ڪيو  ڌرڻو صبح ڏهين کان رات ڏهين وڳي تائين جاري، ٻئي طرف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان لڳاتار ڌرڻو پندرهين ڏينهن به نور باگڙي، وفا سنڌي الهڏنو جي اڳواڻي ۾ جاري رهيو. مڪلي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻي ۽ احتجاجي مظاهري ۾ سنڌ سڀا جي اڳواڻ سنڌي انعام، نعيم سنڌو، ولي محمد راڄپر، شعيب خاصخيليء، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو ته اگر کنڀي گم ڪيل سنڌين جو ڪو ڏوهه آهي ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، انهن کي کنڀي گم ڪرڻ غيرقانوني عمل ۽ جرم آهي اسان ان جرم خلاف سراپا احتجاج آهيون ۽ رهنداسين. اسان سنڌ جي هر ضلعي ۾ احتجاج ڪري قوم کي ٻڌائينداسين ته سنڌ ۽ سنڌين سان ناانصافيون، ظلم ۽ ڏاڍ ٿي رهيو آهي ،جنهن کي احتجاج ذريعي روڪي سگهجي ٿو. ڌرڻي ۾ جست اڳواڻ سورهيه سنڌي چيو ته وڏي عرصي کان سنڌ مان جبري گمشدگين جو سلسلو جاري آهي  پر وفاقي توڙي سنڌ سرڪار اهڙي ظلم خلاف ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ لاء تيار ناهي، اسين چئون ٿا ته ملڪي ادارن کي پنهنجي قانون ۽ آئين جي پاسداري ڪندي کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي عدالتن ۾ آڻين. ٺٽو شهري اتحاد جي اڳوڻ جاويد غني چيو ته سنڌ جي ڪوششن سان ئي هي ملڪ ٺهيو پر افسوس پاڪستان جي خالق سنڌين سان ناانصائي ظلم ۽ جبر ڪيو ٿو وڃي، سنڌ کي انصاف ڏئي بيچيني دور ڪئي وڃي.

 سنڌ سڀا پاران ڇنڇر 5 سيپٽمبر تي سجاول پريس ڪلب اڳيان صبح ڏهين وڳي کان رات ڏهه بجي تائين احتجاج ڪيو ويندو،جڏهن ته 6 سيپٽمبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويندو,