مڪلي جي حد مان اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي پايل ديوي کي پوليس 3 ڏينھن جي گذرڻ باوجود بازياب ڪرائي نه سگهي

ٺٽو :- مڪلي جي حد مان اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي پايل ديوي کي پوليس 3 ڏينھن جي گذرڻ باوجود بازياب نہ ڪرائي سگھي، اقليتن واري صوبائي وزير سان گڏ آئي جي سنڌ پڻ معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ٺٽو کي مغوي شاگردياڻي کي فوري بازياب ڪرائڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن. مڪلي پوليس 3 ڏينھن اڳ مڪلي مان مبينا اغواءَ ڄاڻايل ٺٽي واسڻ شاگردياڻي پايل ديوي کي اڃان تائين بازياب ڪرائي نہ سگھي آھي. ٻئي پاسي اقليتي مامرن واري صوبائي وزير ھري رام ڪشوري لال ۽ آئي جي سنڌ ڪليم امام پڻ شاگردياڻي پايل ديوي جي اغواءَ جو نوٽيس وٺندي ٺٽي جي ايس ايس پي شڀير احمد سيٺار سان رابطو ڪري مغوي شاگردياڻي کي فوري بازياب ڪرائڻ وارن قدم کڻن سان گڏ متاثر خاندان کي تحفظ فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ۽ پڻ ھن متاثر خاندان کي يقين ڏياريندي چيو تہ حڪومت نياڻي جي بازياہي لاءِ ھر ممڪن اپاءَ وٺي رھي آھي. ھوڏانھن ٺٽي جي سول سوسائٽي جي اڳواڻن پڻ مڪلي ۾ پلي ڪارڊ کڻي مغوي شاگردياڻي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاھري کي نجي اسڪول ٺٽو جي تنظيم جي اڳواڻڻ مشتاق سومرو، جليل کونڀاٽي، اڳوڻي اي ڊي او آصف قريشي، ابراھيم ۽ ٻين خطاب ڪندي نجي اسڪول جي استاد ڪامران سومرو جي مبينا شاگردياڻي اغواءَ واري عمل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو تہ استاد کي ڪنھن بہ صورت ۾ پنھنجي شاگرد تي بري نظر ناھي رکڻي استاد پيءُ جي مقام برابر آھي. ھنن چيو تہ ڪامران جي اھڙي لڄائيندڙ حرڪت سبب سماج تي غلط اثر پيو آھي جڏھن تہ ھنن ٺٽي جي نجي اسڪول نيويگيٽر کي پنھنجي تنظيم مان خارج ڪرڻ جو اعلان ڪندي پڻ ان جي انتظاميہ کي مغوي شاگردياڻي جي بازيابي جي سلسلي ۾ پوليس سان سھڪار ڪرڻ جو مطالبو ڪندي ضلعي انتظاميہ کان مغوي شاگردياڻي پائيل ديوي جي فوري بازيابي جي گھر ڪئي آھي. جڏھن مبينا اغوا ڄاڻايل پايل ديوي جي گھر ۾ سخت تاءُ پکڙيل آھي.