مٽياري ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا پاران احتجاج

 سنڌ سڀا جي چيئرمين انعام عباسي جي اڳواڻي ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻڻ احتجاجي مظاھرو ڪيو ، مظاھرين جي ھٿن ۾ سنڌ جي مختلف شھرن مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جا تصويري پورٽريٽ سندن بازيابي لاءِ بينر ھئا ، مظاھري کي خطاب ڪندي انعام عباسي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ ھر آزاد شھري جو حق آهي اھڙو حق پاڪستان جي آئين ۾ موجود آهي ، ھنن چيو ته اگر ڪو شھري ڏوھي سرگرمين ۾ ملوث آھي ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ، سنڌ جا سوين شھري صرف سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ جي پاداش ۾ انھن کي کنڀي گم ڪري مٿن ظالمانا تشدد ڪري سندن چچريل لاش روڊن تي اڇلائڻ سنڌ واسين سان ظلم آهي ، اسين ملڪ جي سگھارن ادارن کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته کنڀي گم ڪيل ھالا واسي محمد گبول سميت سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي