مٽياري ڀرسان رڪشا ۽ ڪوچ ۾ خوفناڪ حادثو، 13 ڄڻا فوت

مٽياري:- (رپورٽ عبدالواحد عمراڻي):-  مٽياري ڀرسان خوفناڪ حادثو، 13 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٽن کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب نيو سعيدآباد قومي شاهراھ تي چنگچي رڪشا ۽ ڪوچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار 13 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. فوتين ۾ شمساد کوسو، والو ڪولهي، صديق کوسو، سعيد کوسو، مجنون، جي مل ڪولهي، شير علي، تماچي ڪولهي ۽ ارشاد کوسو شامل آھن، جڏھن ته زخمين ۾ ديارام، رامون ۽ ٻيا شامل آھن.ايس ايس پر آصف احمد ٻگهيو موجب ڪوچ پنجاب کان ڪراچي وڃي رهي ته ٻاروچو باغ وٽ حادثو پيش آيو، 11 مزدور تڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏھن ته ٻن زخمين اسپتال ۾ دم ڏنو.هن چيو ته ريسڪيو آپريشن جاري آھي، جنهن جي نگراني آئون پاڻ ڪري رهيو آھيان هن وڌيڪ ٻڌايو ته فوت ٿي ويل مزدور هئا جيڪي مزدوري جي لاءِ رڪشا ۾ سوار ٿي مزدوري تي وڃي رهيا هئا.