مٽياري ضلعي ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان ضلعي انتظاميه جي گڏجاڻي

مٽياري (رپورٽ عبدالواحد عمراڻي) :- مٽياري ضلعي ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان ضلعي انتظاميه، صحت کاتي ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندن جي اهم گڏجاڻي، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿي، پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي پروگرام ۾ ايندڙ مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ اي او سي ڪو آرڊينيٽر عمر فاروق بلو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون طاهر علي ميمڻ، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر امتياز ڪاڪا، صحت جي عالمي اداري جي ڪيئر ٽيم جي ميمبر ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، ڊاڪٽر ضمير ڦل، ڊاڪٽر شوڪت علي، ڊاڪٽر آصف، ڊاڪٽر ڪسيٽو، ڊاڪٽر بسما ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صحت جي عالمي اداري جي ڪيئر ٽيم ضلعي مٽياري اندر پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي پوليو کي جڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت ۽ ديانتداريءَ سان ڪم ڪرڻ تي زور ڀريو.