مٺي ۾ راڳ رنگ جي سکيا لاءِ قائم ٿر لوڪ سنگيت اڪيڊمي کي باهه وڪوڙي وئي ، ميوزڪ سان لاڳاپيل قيمتي سامان سڙي خاڪ

مٺي :- مٺي ۾ راڳ رنگ جي سکيا لاءِ قائم ٿر لوڪ سنگيت اڪيڊمي کي مبينا شارٽ سرڪٽ باھ لڳڻ سبب ميوزڪ سان لاڳاپيل ساز ۽ لکين روپين جو قيمتي سامان سڙي خاڪ بڻجي ويو. شهر جي مک بازار ۾ ٿر لوڪ سنگيت اڪيڊمي کي ان وقت باهه لڳي، جڏھن اڪيڊمي بند پيل هئي ۽ اتي ڪوبه راڳي ويٺل نه هو. انتظاميا جو چوڻ آهي ته باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي هئي.باهه واقعي ۾ اڪيڊمي اندر رکيل سوين ڪتاب، دهل، دنبورو، يڪتارو، هارمونيم، قالين، چادرون ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي خاڪ ٿي ويو. فنڪارن باهه واقعي کي افسوسناڪ قراري ڏيندي مطالبو ڪيو آهي واقعي جي جاچ ڪرائڻ سان گڏ اڪيڊميءَ جي فوري بحاليءَ لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن. ياد رھي ته صوبائي وزير سردار شاھ 2017 جي مارچ مهيني ۾ ٿر لوڪ سنگيت اڪيڊمي جو افتتاح ڪيو هو.