مٺي جي علائقي ڇاڇرو جا رهواسي ميگهواڙ برادري جو بااثر شخص جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد:- مٺي جي علائقي ڇاڇرو جي ڳوٺ ساڪريو جي رهواسي خاندان بااثر شخص جي زيادتين خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو . ان موقعي تي ڪيول ميگهواڙ دانهيندي چيو ته علائقي جي بااثر شخص غلام رسول سميجو کي گهر ۾ اچڻ کان منع ڪئي.ان تي بااثر شخص پنهنجي ماڻهن جي ذريعي 25 مئي تي سندن گهر مسمار ڪرائي ڇڏيا، هن چيو ته جنهن بعد اسان ڪئمپ لڳايو، جنهن ۾ 7 جون تي اسان جي مٿان سميجا ۽ ميگهواڙ برادري جي ماڻهن ذريعي سندن حملو ڪرايو ويو، حملي ۾ منهنجي زال ڀگواني ميگهواڙ شديد زخمي ٿي پئي آهي.هن چيو ته بااثر شخص جي ڪري اسان جو علائقي ۾ رهڻ مشڪل ٿي پيو آهي، جڏهن ته پوليس بااثر خلاف ڪيس داخل نه ڪري رهي آهي، جنهن ڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون.هن ايس ايس پي مٺي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارن کان گهر ڪئي ته علائقي جي بااثر شخص خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.