ميهڙ ۾ پيرسن زال ۽ مڙس جو معصوم نياڻين سان گڏ نوجوان پٽ جي گم ٿيڻ خلاف احتجاج

ميهڙ(رپورٽ عبدالغني میراٹي) پيرسن زال ۽ مڙس جو معصوم نياڻين سان نوجوان پٽ جي گم ٿيڻ خلاف احتجاج هڪ پٽ جي قتل کان پوء ٻئي پٽ جو به قتل ڪرڻ جا بااثرن مٿان الزام انصاف جي گهرب تفصيل موجب واره واسي ٻاجهي خان گاڏهي سندس زال مسمات بشيران گاڏهي ڀائٽن پٽ ۽ ڌيئرن سان گڏ نيشنل پريس ڪلب ميهڙ پهچي احتجاج ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجو 23 سالن جو پٽ عرس محمد گاڏهي 2 مارچ تي سيوهڻ دوا لاء ويو هو جيڪو واپس نه موٽيو آهي اسان ڳولها ڪري ٿڪجي پيا آهيون پٽ جي گم ٿيڻ جي سيوهڻ ۽ واره ٿاڻن تي پڻ اين سي داخل ڪرائي آهي پر هن وقت تائين ڪو ڏس پتو نه مليو آهي ۽ نه وري پوليس مدد ڪري رهي آهي جڏنهن ته پيرسن زال ۽ مڙس الزام هڻندي چيو ته بااثر علي گوهر گاڏهي ۽ ان جو پٽ ذوالفقار گاڏهي اسان سان دشمني ڪري پهريان به منهنجو 20 سالن جو پٽ سراج احمد گاڏهي کي قتل ڪرايو هو ۽ ان ڪوڙي ڪيس ۾ مونکي ڦاسايو هو مان ڪجه وقت جيل ۾ هئس عدالت مونسان انصاف ڪندي ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو هو ۽ ان ئي ڪيس ۾ ملوث ذوالفقار گاڏهي رستم گاڏهي حنيف گاڏهي سعيد احمد سميت ٻيا روپوش آهن جڏنهن ته هنن شڪ ظاهر ڪندي چيو ته هاڻي به اسان جو پٽ هنن ظالمن اغوا ڪري قتل ڪرايو آهي مون ڪيترن ئي وڏيرن ۽ سردارن سميت ايس ايس پي قمبر ۽ ٻين پوليس آفيسرن سان مليا آهيون پر ڪنهن به منهنجي واهر نه ڪئي آهي هنن چيو ته جوابدار بااثر هجڻ ڪري سرعام گهمندا رهن ٿا پوليس به پڻ ٻٽ بڻيل آهي هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ڊي آء جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ ۽ ايس ايس پي دادو کان پرزور مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته خدا جي واسطي اسان مسڪين غريبن سان ٿيل ظلم جو نوٽيس وٺي اسان جو ڪونڌر پٽ بازياب ڪرائي ڏين ائين نه ٿئي جو اسان جي پهرين ڳڀرو جوان وانگر هي به پٽ ظالم ماري ڇڏن هنن چيو ته اسان کي ظالمن مان خطرو آهي ڪهڙي به وقت هو اسان کي مارائي ڇڏيندا هنن چيو ته اسان کي تحفظ ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي