ميرپور خاص ۾ وحشي جوابدارن ناري کي اغوا ڪري ٻن ڏينهن تائين اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، انصاف نه ملڻ تي ناري زهر پي ڇڏيو

ميرپور خاص :- ميرپور خاص ۾ مبينا طور اغوا بعد اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايل ناري زهر پي ڇڏيو، نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل، ناري روئيندي منٿون ڪندي رهي ته انصاف ڏيو يا مونکي ماري ڇڏيو، ملڪ رياض ڪالوني جي واسڻ 16 سالن جي عائشه ملڪ ماڻهن جي طعنن کان تنگ ٿي گهر ۾ پيل زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي. کيس سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو، جتي طبي امداد بعد ڪجهه گهڙين کانپوءِ کيس هوش آيو ۽ ڊاڪٽرن آڏو دانهون ڪندي روئيندي رهي. ناري ڊاڪٽرن کي ايلاز ڪيا ته مونکي هن دنيا ۾ ناهي رهڻو مونکي ماري ڇڏيو، لاڳيتو لڙڪ هاريندي ناري مطالبو به ڪندي رهي ته مونکي انصاف کپي. واضح رهي ته 4 ڏينهن اڳ ناري کي اغوا ڪري وحشي جوابدارن کيس ٻن ڏينهن تائين اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ کيس گهر ٻاهران بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا هئا. ناري 2 ڏينهن اڳ ٿاڻي تي بيان ڏيندي الزام هنيو ته واقعي ۾ جوابدار سليم قريشي، عدنان عرف ڪارو، رشيد قريشي، ظفر مري، سيفي مري ۽ اظير ملوث آهن، جيڪي اغوا بعد کيس مختلف هنڌن تي کڻي ويا ۽ لڄالٽ جو نشانو بڻايو، سيٽلائيٽ ٿاڻي جي پوليس ڄاڻايل ڇھن جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇاپا هنيا، جنهن دوران درزي سليم قريشي ۽ عدنان عرف ڪارو کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته باقي 4 جوابدار اڃا تائين پوليس جي هٿ اچي نه سگهيا آهن. گذريل ڏينهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت گرفتار ٻنهي جوابدارن کي 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو.