ميرپورماٿيلو مان ھندو ناري ڀرڇونڊي پير وٽ مسلمان ٿي نوجوان سان پيار جو پرڻو ڪيو : ناري جي پيءُ جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل

ميرپورماٿيلو : ميرپورماٿيلو مان ھندو ناري سمرن ڌي نند لال مبينا طور اغوا ٿي وئي. ناري جي پيءُ جي فرياد تي پوليس اڻڄاتل جوابدارن مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب سمرن ڀرڇونڊي پير وٽ مسلمان ٿي نوجوان شڪيل ڪوري سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي. پوليس موجب ناري سيشن ڪورٽ ۾ مرضي سان مسلمان ٿي نڪاح ڪيو آهي