ميرپورخاص ۾ جنازي نماز لاءِ پهتل پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي کي شهرين ڌڪا ڏئي مسجد مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو

ميرپورخاص: جنازي نماز لاءِ پهتل پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي کي شهرين ڌڪا ڏئي مسجد مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، سانحه تيز گام ۾ فوت ٿيل نواز پٺاڻ جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ غريب آباد ۾ مسجد نبيءِ رحمت پهتل پي ٽي آءِ جي سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي کي مسجد ۾ موجود ماڻهن ان وقت ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو،جڏهن هن اهو چيو ته واقعو مسافرن جي غلطيءَ سبب پيش آيو، جنهن تي ماڻهو مڇرجي پيا ۽ چيو ته اوهان پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ بدران شهيدن خلاف گٿا لفظ ڳالهائي رهيا آهيون.ان دوران مڇريل ماڻهن کيس ڌڪا ڏئي کيس مارڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي کيس  مسجد جي دري مان ٻاهر ڪڍي فرار ڪرايو ويو. هنگامي دوران ڪيترائي ماڻهو رڙيون ڪندي چوندا رهيا ته هن کي ماريو، نه ڇڏيو، گاڏي ۾ فرار ٿيڻ وقت کيس ماڻهن ڀونڊا ڏيئي لعنتون ڏنيون. جنهن بعد پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن فردوس شميم نقويءَ کي ماڻهن جي هجوم مان محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍيو.