ميرپورخاص: گم ڪيلن خلاف سنڌ سڀا طرفان ڪيمپ

ميرپورخاص:- سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سنڌ سڀا پارٽي جي صدر انعام سنڌي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي جتي ايس يو پي جي اڳواڻن منظور ميمڻ ، لالا اظهر پٺاڻ سميت ٻين وڏي اڳ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن گذريل ڪيتري عرصي کان سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي جبري طور کنڀي گم ڪيو پيو وڃي جيڪو انتهائي افسوس ناڪ ۽ قانون کان مٿاهون عمل آهي جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا جيڪڏهن ڪو به ڪارڪن ڪنهن غير قانوني عمل ۾ ملوث آهي ان کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي جبري گمشدگيون بين القوامي قانون جي ابتڙ آهي جمهوري حڪومتن ۾ سياسي ڪارڪنن جو کنڀجڻ وڏو الميو آهي پاڪستان جون سياسي پارٽيون جبري گمشدگين خلاف خاموش تماشائي بڻيل آهن جڏهن ته کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جا وارث ڪيتري عرصي کان روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آهن پر انهن جي ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي هنن چيو ته اهڙي عمل سبب گم ٿيلن جي وارثن ۾ ڳڻتي ۽ ڪاوڙ واري صورتحال ڇانيل آهي هي هڪ اهم معاملو آهي جنهن تي حڪومتي ادارن توڙي رياست کي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي هنن اقوام متحده ، انساني حقن جي تنظيم سميت ٻين حڪومتي ادارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي فوري طورظاهر  ڪرائي سندن وارثن سان انصاف ڪيو وڃي