ميرپورخاص ڀرسان وومين پوليس جو ڇاپو، ٻن جي ماءُ بازياب

ميرپورخاص:-  وومين پوليس جو ڳوٺ مبارڪ پنهور ۾ ڇاپو مڙس جي ظلمن جو شڪار ٻن ٻارن جي امڙ فائزا ملڪ کي بازياب ڪرائي وومين ٿاڻي تي آندو ويو جتي پوليس پاران عورت جو بيان ورتو ويو ان موقعي تي عورت فائزا ملڪ صحافين کي ٻڌايو ته سندس شادي ڪامل ملڪ سان مائٽن 06 سال اڳ ڪرائي هئي جنهن مان 05 سالن جي نياڻي فبيا ۽ 03 سالن جو پٽ عمر آهي جڏهن ته مڙس بي گناهه هر روز تشدد ڪندو جنهن ڪري مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي اهڙي شڪايت مائٽن کي ڏني انهن مڙس ۽ ساهرن کي سمجهايو پر مڙس تشدد جاري رکيو جنهن ڪري مجبور ٿي پوليس کي شڪايت ڪئي عورت چيو ته آئون مڙس سان گڏ نٿي رهڻ چاهيان جڏهن ته منهنجو پٽ مونسان گڏ آهي نياڻي کي مڙس روڪي ورتو آهي جنهن کي منهجي حوالي ڪيو وڃي هوڏانهن پوليس چيو ته عورت جي شڪايت عورت جي گهر تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ٿاڻي تي آندو آهي عورت جو بيان ورتو آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو هو.