ميرپوربٺورو ۾ وائيس فار مسنگ پرسنس پاران سنڌ مان جبري کنڀي گم ڪيل قومپرست ڪارڪنن جي آزادي لاء احتجاجي ريلي

ميرپوربٺورو ۾ وائيس فار مسنگ پرسنس پاران سنڌ مان جبري کنڀي گم ڪيل قومپرست ڪارڪنن جي آزادي لاء تاج جويو، سهڻي جويو، جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، جي اڳواڻي ۾ شهر جي علي بندر چوڪ کان نيشنل بئنڪ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، انهي موقعي تي وائيس فار مسنگ پرسنس جي اڳواڻ سهڻي جويو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان مان گذريل ٽن سالن کان وٺي ماڻهن کي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي، هن سال جون جي مهيني کان وٺي سنڌ جي سوين نوجوانن کي کنڀيو ويو هن چيو ته هاڻي قانون جي پاسداري ڪندڙ وڪيل به محفوظ ناهن تازو وڪيل محب آزاد لغاري کي سندس گهرواري جي اڳيان تشدد ڪري کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن جو اڃا تائين ڪو به پتو نه پيو آهي، هن چيو ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء سنڌ جون نياڻيون روڊن رستن تي سراپا احتجاج بڻيل آهن ليڪن هتان جون اعلي عدالتون به خاموش ۽ تماشاهي بڻيل آهن، هن چيو ته اسان کي متحد ٿيڻو پوندو تڏهن ئي اسين پنهنجن پيارن کي هن رياست کان بازياب ڪرائي سگهون ٿا، احتجاج کي خطاب ڪندي سنڌ جي دانشور ۽ اديب تاج جويو چيو ته هي ڪٿي جو قانون آهي جنهن ملڪ ۾ قانون ۽ آئين هجي ان باوجود رات جي پيٽ ۾ چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن تي تشدد ڪري ماڻهن کي گهرن مان کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي، هن چيو ته سنڌ جي خوشحالي ۽ آزاديءَ جي ڳالھ ڪرڻ جيڪڏهن ڏوھ آهي ته پو اسين سڀ ڏوهاري آهيون اسان کي به کنڀي گم ڪري ڇڏيو، هن چيو ته هن وقت تائين مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ سيد مسعود شاھ، لالا عمران، ڊاڪٽر فتح محمد کوسو، نوجوان عاقب چانڊيو، غلام شبير قمبراڻي، ستار هڪڙو، 14 سالن جي معصوم غلام رسول شر، انصاف دايو، پيرسن بچل شاهه، ايوب ڪاندڙو، نسيم بلوچ سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪندي چيو آهي ته کنڀي گم ڪيل قومپرست ڪارڪنن جي آزادي لاء پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي، انهي موقعي تي جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي روڊن رستن تي احتجاجن ذريعي بازياب ڪرائينداسين، هن ملڪ ۾ نه قانون آهي نه عدالتون ۽ نه ئي انصاف آهي تنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن وٽ سواءِ احتجاج جي ڪو به رستو نه بچيو آهي سنڌ جا ماڻهو انصاف لاءِ روڊن تي نڪرو، احتجاج کي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، کنڀي گم ڪيل ڊاڪٽر فتح محمد کوسو جو پٽ نصيب الله کوسو،امام بخش خاصخيلي، ۽ ٻين خطاب ڪيو