ميجر جنرل بابر افتخار پاڪ فوج جو نئون ترجمان مقرر

راولپنڊي: ميجر جنرل بابر افتخار کي پاڪ فوج جو نئون ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ميجر جنرل بابر افتخار کي آصف غفور جي جڳهه تي پاڪ فوج جو نئون ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور کي جي او سي اوڪاڙه مقرر ڪيو ويو آهي.ميجر جنرل بابر افتخار آرمڊ ڪور جي يونٽ سڪس لانسر سان تعلق رکي ٿو، هن 1990ع ۾ پاڪ فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪيو. نئين ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪمانڊر ايند اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو گريجوئيٽ آهي، ان کانسواءِ هو نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۽ اردن جي رائل ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري چڪو آهي.ميجر جنرل بابر افتخار ڪمانڊ اينڊ اسٽاف پوزيشنز تي ڪم ڪرڻ جو وسيع تجربو رکي ٿو، هن آپريشن ضرب عضب دوران انفنٽري ۽ آرمڊ برگيڊ جي ڪمانڊ به ڪري چڪو آهي. ان کانسواءِ ميجر جنرل بابر افتخار اين ڊي يو ۽ پي ايم اي ۾ انسٽرڪٽر جون خدمتون به سرانجام ڏئي چڪو آهي.ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته سڀني پاڪستانين جي طرفان ملندڙ پيار ۽ تعاون جو جيترو ٿورو ادا ڪجي اوترو گهٽ آهي. پنهنجي مدت دوران تعاون تي سڀني جو شڪرگذار آهيان، خاص طور تي ميڊيا جو، جڏهن ته نئين ڊي جي آءِ ايس پي آر جي لاءِ دعاگو آهيان.واضح رهي ته ڊسمبر 2016ع ۾ ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوه جي جڳهه ميجر جنرل آصف غفور کي ڊي جي آءِ ايس پي آر مقرر ڪيو ويو هو، ميجر جنرل آصف غفور ان وقت سوات ۾ ڊويزن ڪمانڊر جي حيثيت سان ذميواريون سرانجام ڏئي رهيو هو.