ميجر جنرل بابر افتخاراڄ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو عهدو سنڀاليندو

راولپنڊي:- پاڪ فوج جي ميجر جنرل بابر افتخار اڄ پهرين فيبروري تي پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل جو عهدو سنڀاليندو. آءِ ايس پي آر طرفان 16 جنوريءَ تي ميجر جنرل بابر افتخار کي ڊي جي آءِ ايس پي آر، جڏهن ته ميجر جنرل آصف غفور کي جي او سي اوڪاڙه مقرر ڪرڻ جو بيان جاري ڪيو هو. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار جو تعلق آرمڊ ڪور جي يونٽ 6 لانسر سان آهي. ميجر جنرل بابر افتخار 1990ع ۾ پاڪ فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي هو ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽه، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۽ اردن جي رائل ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جو گريجوئيٽ پڻ آهي. ميجر جنرل بابر افتخار پنهنجي ملازمت دوران ڪمانڊ اينڊ اسٽاف پوزيشنن تي ڪم جو وسيع تجربو رکي ٿو. هو برگيڊيئر ميجر انفشنري جي شعبي برگيڊيئر اسٽاف جي عهدي تي پڻ رهيو. ميجر جنرل بابر افتخار آپريشن ضرب عضب دوران انفشنري ۽ آرمڊ برگيڊ جي ڪمانڊ ڪئي. هو اين ڊي يو ۽ اي ايم اي ۾ انسٽرڪٽر جون خدمتون پڻ سرانجام ڏئي چڪو آهي، 3 سالن تائين ڊي جي آءِ ايس پي آر جون خدمتون سرانجام ڏيندڙ ميجر جنرل آصف غفور ڊي جي آءِ ايس پي آر جو عهدو ڪالهه ڇڏي ڏنو جڏهن ته نئين مقرر ٿيل ميجر جنرل بابر افتخار کي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي عهدي جو چارج سنڀاليندو.