ميان صاحب ويجھو مبينا طور ماني دير سان پچائڻ تان جنوني شخص پنهنجي زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

ميان صاحب : ميان صاحب ويجھو مبينا طور ماني دير سان پچائڻ تان جنوني شخص پنهنجي زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. همايون ٿاڻي جي حد ڳوٺ روھڙي ۾ جوابدار محمد خان معرفاڻي پنھنجي گھرواري مسمات حضوران کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ فرار ٿي ويو. پوليس لاش کڻائي سول اسپتال شڪارپور پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتولا جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار ماني دير سان پچائي ڏيڻ تان زال کي قتل ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو.