موهن جي دڙي جي ٻولي سمجهڻ لاءِ عالمي ڪانفرنس: ڏاهن ويچار ونڊيا

لاڙڪاڻو :-  نيشنل فنڊ فار موهن جو دڙو ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان 98 سالن کان سمجهه ۾ نه ايندڙ موهن جي دڙي جي قديمي ٻولي کي سمجهڻ ۽ آثارن کي بچائڻ لاءِ ڪوٺايل ٽن ڏينهن واري انٽرنيشنل انڊس اسڪرپٽ ورڪشاپ ۾ آمريڪا، چائنه، اٽلي، جرمني، جاپان، ڊينمارڪ ۽ سري لنڪا سميت ملڪي ماهر شرڪت ڪري انڊس اسڪرپٽ تي پنهنجي تحقيق پيش ڪري رهيا آهن. ورڪشاپ جي پهرين ڏينهن افتتاحي اجلاس موهن جو دڙو جي ميوزيم ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري ثقافت غلام اڪبر لغاري، ڊائريڪٽر جنرل منظور احمد ڪناسرو، چيئرمين ٽيڪنيڪل ڪاميٽي نيشنل فنڊ فار موهن جو دڙو ڊاڪٽر عليم لاشاري، مائيڪل جانسن، ڊاڪٽر جوناٿن مارڪن آر سميت ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهرن شرڪت ڪئي. ان حوالي سان ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري ٻڌايو ته موهن جو دڙو عالمي ورثو آهي اسين يونيسڪو کي اعتماد ۾ وٺڻ کان بغير هڪ سِر کي به لوڏي نه ٿا سگهون اسان هن ورثي جا نگران آهيون اسين يونيسڪو جي پاڪستان ۾ مقرر ڪيل نمائندي مائيڪل جانسن سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد ئي فيصلا ڪندا آهيون. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پاران ماضيءَ ۾ شروع ڪيل ڊراءِ ڪور ڊرلنگ وارو منصوبو ان لاءِ روڪيو ويو ڇاڪاڻ جاپان جيڪو قديمي آثارن ۾ حساس نوعيت جي دلچسپي رکي ٿو جن طرفان اعتراض واريو ويو هو ته موهن جو دڙو جي زمين اندر ڊراءِ ڪور ڊرلنگ سان نوارداتن کي نقصان پهچي سگهي ٿو جڏهن ته جديد اوزارن جي ذريعي ڊراءِ ڪور ڊرلنگ به ٿي سگهي ٿي اهڙي مشوري بعد ان منصوبي تي عمل درآمد جديد ٽيڪينڪل بنياد تي ڪيو ويندو. هن چيو ته موهن جو دڙو جو ريسٽ هائوس بهترين ٺهي چڪو آهي کاري پاڻي کي مٺو بڻائڻ جي لاءِ واٽر پلانٽ لڳايو ويو آهي ۽ سر جان مارشل جي گاڏيءَ کي به خوبصورت بڻايو ويو آهي. هن چيو ته موهن جو دڙو اوپن ايريا آهي قدرتي آفتن، برسات ۽ طوفان سان هر سال ڪو نه ڪو نقصان ٿيندو آهي جنهن کي مختلف وقتن تي محفوظ بڻايو ويندو آهي. هن چيو ته هڙپا، سکر سميت پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ موجود قديمي آثارن مان اسان کي اِهو اعزاز حاصل آهي ته اسان تاريخي انڊس اسڪرپٽ عالمي ڪانفرنس 2020 جو بندوبست ڪيو آهي جنهن ۾ آمريڪا، چائنه، ڊينمارڪ، اٽلي، جاپان، جرمني ۽ سري لنڪا سميت پاڪستان سان واسطو رکندڙ قديمي آثارن جا ماهر هڪ هنڌ ويهي پنهنجي تحقيق پيش ڪندي سنڌو تهذيب ۽ اسڪرپٽ جي وڌيڪ تحقيق جي لاءِ رستا کوليندا جيڪڏهن ميسوپوٽيما ۽ ٻين ملڪن جي قديمي آثارن جي زبانن کي سمجهڻ ۾ ڪيترو ئي عرصو لڳو تيئن موهن جو دڙو جي اسڪرپٽ کي سمجهڻ جي لاءِ نه صرف پهرين ڪانفرنس ۾ ڪاميابي ملندي پر اميد آهي ته هن ڪانفرنس کان بعد نوان دڳ کلندا ۽ اسان کي تحقيق جا موقعا ملندا.