موهن جو دڙو ۾ عالمي ورڪشاپ اڄ کان شروع ٿيندو

لاڙڪاڻو/ڏوڪري :- سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان موهن جي دڙي جي ميوزيم ۾ ٽن ڏينهن واري انٽرنيشنل انڊس اسڪرپٽ ورڪشاپ اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن سان واسطو رکندڙ انڊس اسڪرپٽ بابت ڄائو ۽ عالم شرڪت ڪري رهيا آهن. ورڪشاپ جو افتتاحي اجلاس اڄ 11 وڳي موهن جو دڙو ۾ ڪوٺايو ويندو جنهن بعد ورڪشاپ جا ورڪنگ گڏجاڻيون ٻن ڏينهن تائين جاري رهنديون. ورڪشاپ جو اختتامي اجلاس 11 جنوري ڇنڇر صبح جو 11 وڳي ٿيندو. ورڪشاپ ۾ ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سيد سردار شاهه، سيڪريٽري ثقافت غلام اڪبر لغاري، ڊائريڪٽر جنرل ثقافت ۽ اينٽيڪوئيٽيز منظور احمد ڪناسرو، چيئرمين ٽيڪنيڪل ڪاميٽي نيشنل فنڊ فار موهن جو دڙو ڊاڪٽر عليم لاشاري، مائيڪل جانسن ۽ ٻيا پرڏيهي ماهر پڻ شرڪت ڪندا. هوڏانهن ثقافت کاتي جو سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري ڊي جي ثقافت منظور ڪناسرو سان گڏجي موهن جو دڙي پهچي ورڪشاپ جي تيارين جو جائزو وٺندي کين حتمي شڪل ڏني جتي هنن لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون پڻ جاري ڪيون. ٻئي پاسي ورڪشاپ جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي موهن جو دڙو ميوزيم کي ٽن ڏينهن لاءِ سياحن لاءِ مڪمل طور بند پڻ ڪيو ويو آهي.