مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ بري طرح سان ناڪام ٿيندو: شيخ رشيد احمد

اسلام آباد:- ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ چڪوٺي، حجيرا، راولاڪوٽ وڃڻ بجاءِ اسلام آباد ڌرڻو هڻڻ وڃي رهيو آهي. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) مولانا جي آزادي مارچ جي حوالي سان بهتر فيصلو ڪندا ۽ ٻئي پارٽيون مولانا سان گڏ نه بيهنديون. هن چيو ته سندس خيال ۾ شهباز شريف جو فيصلو بهتر هوندو ۽ بلاول ڀٽو به ان مارچ ۾ شرڪت نه ڪندو. مولانا جي مارچ ۾ ڌرڻي جي نوبت نه ايندي. شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان 15 لک ماڻهو اسلام آباد آڻڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته مدرسن ۾ ٻارڙن جو انگ وڌيڪ هوندو آهي ۽ مولانا بلوچستان مان ٻارن کي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو. شيخ رشيد احمد چيو ته مولانا پنهنجي آزادي مارچ ۾ بُري طرح ناڪام ٿيندو.