مولانا جو بيان بغاوت قرار، حڪومت پاران عدالت وڃڻ جو اعلان، گهرو وزارت هر صورتحال لاءِ تيار رهي: وزيراعظم

اسلام آباد:- وفاقي حڪومت جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جا مطالبا رد ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته نه وزيراعظم استعيفيٰ  ڏيندو ۽ نه نيون چونڊون ٿينديون. بني گالا ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آزادي مارچ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.ڳالهين لاءِ جوڙيل حڪومتي ٽيم جي سربراهه پرويز خٽڪ وزيراعظم کي اپوزيشن سان رابطن تي بريفنگ ڏني ۽ آزادي مارچ کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون.اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته نه وزيراعظم استعيفيٰ ڏيندو ۽ نه ملڪ ۾ نيون چونڊون ٿينديون، امن امان جي صورتحال خراب ڪندڙ شرپسندن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.ڪور ڪميٽي چيو ته آزادي مارچ وارا جيستائين چاهين ويهن پر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته قانون چُرپر ۾ ايندو.اجلاس ۾ ڪور ڪميٽي ملڪ جي اهم ادارن خلاف ڳالهائڻ جي مذمت ڪندي چيو ته اهو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، سياسي ۽ جمهوري جماعتون آئين سان بغاوت ڪنديون آهن ۽ نه ئي ان جو درس ڏينديون آهن، وزيراعظم کي گرفتار ڪرڻ جو بيان شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪور ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ حڪومتي ڳالهين ٽيم جي ميمبرن پريس ڪانفرنس ڪئي. حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي سربراهه ۽ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جو چوڻ آهي ته اسان واضح چئي ڇڏيو آهي ته وزير اعظم جي استعيفيٰ تي ڪا به ڳالهه نه ٿيندي، ان بابت سوچيو به نه وڃي. هن چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ گهڻن ئي معاملن تي گڏيل ڳالهيون ٿيون، اسان اڃان به ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون پر هي افراتفري ڦهلائڻ چاهن ٿا، جنهن جي پٺيان انهن جا مقصد آهن، جيئن اڄ ڪالهه ڪشمير مسئلي گهڻو سنجيده هو پر هو پوئتي هليو ويو، ان جو فائدو ته ڀارت کي پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته رهبر ڪميٽي جي خواهش موجب ايڇ نائن ۾ هن کي جاءِ ڏني وئي ۽ رهبر ڪميٽي سان جيڪو معاهدو ٿيو ان جي مولانا فضل الرحمان منظوري ڏني جڏهن ته گڏوگڏ ئي هن چيو ته حڪومت پنهنجي لفظن جي قائم آهي ۽ معاهدي تي پوئتي نه هٽندي. ڳالهه ٻولهه دوران هن ٻڌايو ته رهبر ڪميٽي جو ميمبر ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو اڳواڻ اڪرم دراني سان رابطي ۾ آهي ۽ ڳالهين جا دروازا کليل آهن. پر هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ يا ڪنهن شئي کي نقصان پهتو ته اِها ذميواري مخالف ڌر تي ايندي ڇو ته  هن معاهدو ڪيو آهي، عمران خان هن کي دل سان اچڻ جي اجازت ڏني پر جيڪڏهن مخالف ڌر وارا ڌمڪيون ڏيندا آهن ۽ پنهنجي ڳالهه تي  پورا ناهن لهندا ته ان جو مطلب اِهو آهي ته هو زبان ڪچا آهن.بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر پشاور موٽ تي طئي ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي وزير اعظ۾ هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ته ذميوار رهبر ڪميٽي هوندي.ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته جيڪڏهن هي معاهدو نٿا ڪن ها ته پوءِ آزادي هجن ها پر جيڪڏهن ڪجهه ٿيندو ته هي هنن جي ڳچي ۾ پوندا، جيڪڏهن اسان کان ڪا غلطي ٿئي ٿي ته توهان سوال ڪري سگهو ٿا پر جيڪڏهن معاهدو هو ٽوڙن ٿا ته توهان کي ٻڌائڻو پوندو.حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جي ميمبرن جي پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته ڪالهه جيڪا تقرير ٿي ان تي گهڻو افسوس ٿيو آهي جنهن ۾ مخالف ڌر حڪومت تي تنقيد ڪئي. گڏوگڏ ئي بچاءَ واري وزير چيو ته ڪالهه وارين تقريرن ۾ گهڻي تنقيد ادارن تي ڪئي، هي پاڪستان جا ادارا آهن ادارن ملڪ کي بچايو ، شهادتون ۽ قربانيون ڏنيون، نوگو ايريا کي صاف ڪرايو، ان ڪري هي سڀني جا ادارا آهن ۽ هنن کي ملڪ دشمني نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هن ڀيري هڪ ادارو غير جانبدار هجي ته هنن سان مسئلو ٿيو، ادارا غير جانبدار ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اسان هنن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، جيڪي اداري هوندا ڀلي فوج هجي يا بيورو ڪريٽس هي سڀ حڪومت سان گڏ هوندا آحن.پرويز خٽڪ چيو ته پهريون ڀيرو ادارا غير جانبدار ٿيا ته مسلم ليگ ن جي کي شڪست ملي، شهباز شريف کي پنهنجي ڪالر ۾ ڏسڻ گهرجي ڇو ته جنرل جيلاني جو ڪردار ڪنهن کان لڪل ناهي.ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي هن چيو ته هننجو هڪ ئي مطالبو آهي جيڪو استعيفيٰ آهي پر ائين نٿو ٿي سگهي ته 30 کان 40 هزار ماڻهو اچي استعيفيٰ گهرن ته ان جو مطلب آهي ته پوءِ ملڪ ۾ جمهوريت هلي ئي نٿي سگهي.حڪومتي ڪميٽي جي سربراهه چيو ته رهبر ڪميٽ  جي سياسي ماڻهن کي پنهنجي عزت جو خيال رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڳالهه تي بيهڻ گهرجي، گڏوگڏ ئي هن خبردار ڪيو ته مخالف ڌر جو اڳتي وڌڻ وارو اعلان ملڪ کي نقصان ڏيندڙ هوندو.بچاءِ واري وزير جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ معيشت جو گراف بهتري ڏانهن گامزن آهي پر شروعاتي مرحلي ۾ سخت نوعيت جا ڪرڻا پوندا.پنهنجو ڳالهه دوران پرويز خٽڪ ٻڌايو ته ڪور ڪميٽي اِهو فيصلو ڪيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جيڪو چيو ته عوام وڃي عمران خان استعيفيٰ گهري، ان تي اسان عدالت وڃي رهيا آهيون ڇو ته هي ماڻهن کي ورغلائي رهيو آهي ۽ اِها بغاوت آهي.