مورو ۾ ٽن ورهين جي معصوم ٻارڙِيءَ سان جنسي زيادتي، شروعاتي ميڊيڪل ۾ تصديق، پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي

مورو :-  مورو ۾ ٽن ورهين جي معصوم ٻارڙِيءَ سان جنسي زيادتي جي تصديق، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري نه سگهي، والدين جو انصاف لاءِ احتجاج، امڙ کي بيهوشي جو دورا  شھر جي صابن چوڪ واري علائقي ۾ پورهيت اعجاز ڪورائي جي ٽن سالن جي معصوم ٻارڙِيءَ کي مبينا طور وحشي صفت جوابدار زيادتي جو نشانو بڻايو، الزام هيٺ آيل جاويد پٽ علم ڪورائي فرار ٿي ويو. نينگري کي امڙ ۽ پيءُ مورو ٿاڻي تي آندو، جتان ليٽر ملڻ بعد ٻارڙي جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، جنهن بعد ڊاڪٽرياڻي ٻارڙي سان زيادتي جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرياڻي غفرانه ميمڻ جو چوڻ آهي ته شروعاتي رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق ٿي آهي، جزا ليبارٽري اماڻيا ويا آهن، حتمي رپورٽ ڪجهه ڏينهن بعد ايندي.ايس ايڇ او مورو محسن رضا جنڊاڻ جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد کيس سوگهو ڪيو ويندو. نينگري جي والدين ۽ وارثن واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران ٻارڙي جي امڙ مسمات وزيران بيهوش ٿي وئي. والدين چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري کيس سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.