مورو ٽول پلازه جي عملي جو ڳوٺاڻن مٿان سيخن سان تشدد متاثرن جو احتجاجي ڌرڻو

مورو :- مورو ڀرسان قومي شاهراھ تي قائم مورو ٽول پلازه وٽ چانڊيا برادري جي ڄڃ تي ٽول پلازه جي عملي جو ٽيڪس ادا ڪرڻ باوجود تشدد، متاثرن جو احتجاجي ڌرڻو، نور پور کان مورو ڄڃ کڻي ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور سان عملي جي مُنھن ماري ٿي پئ، عملي پاران گارگند ڪرڻ دوران جھيڙو ٿي پيو، ٽول عملو لٺيون کڻي نڪري آيو، مسافرن، ڄاڃين ۽ عورتن تي تشدد ڪيو ويو، متاثرن ڊاڪٽر رحمت چانڊيو، اصغر چانڊيو، ممتاز چانڊيو، راهب چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو، هنن دانهيو ته اسان نورپور کان مورو طرف اچي رهيا هئاسين ٽول ٽيڪس ڏيڻ باوجود به عملي پاران اسان مٿان تشدد ڪيو ويو آھي، معصوم ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو ويو، هي ڪٿان جو انصاف آهي، ٻئي پاسي پوليس ۽ موٽروي آفيسر پهتا، جن ڌرين سان ڳالهيون روڊ کولرايو.