موجوده حڪومت جيئڻ حرام ڪيو آهي، جنهن مان جان ڇڏائڻي پوندي: بلاول زرداري

ڪراچي : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪي آمرن کان نه ڊِنا، اُهي ڪرڪيٽر کان ڪيئن ٿا ڊڄي سگهن؟ اسان گرفتاريون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، موجوده حڪومت جيئڻ حرام ڪيو آهي، جنهن مان جان ڇڏائڻي پوندي. بلاول ڀٽو چيو ته عوام اسان کان تنگ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ته ڪڏهن هِن حڪومت مان کين ڇوٽڪاريو ڏيارينداسين، حڪومت خلاف جدوجهد ڪامياب ٿيندي ۽ عمران خان کي گهر موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي، تحريڪ دوران اسان وٽ بي اعتمادي رٿ ۽ استعيفائن وارو آپشن موجود آهي، مولانا فضل الرحمان پنهنجِي ۽ اسان پنهنجِي سياست ڪنداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين ٻيٽن بابت آرڊيننس فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته وفاق اڄ ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جِي ڪوشش ڪئي، سڀاڻي بدين ۽ عمرڪوٽ تي به قبضو ڪندو، غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان زمين جو هڪ ٽڪڙو به نه ڏينداسين، آرڊيننس بابت نه آگاهه ڪيو ويو نه ئي اعتماد ۾ ورتو ويو