مهڪ ڪماري عدالت ۾ پيش:بيان قلمبند نه ٿيو،هندن جو احتجاج،چڪريون

جيڪب آباد:- جيڪب آباد مان پنج ڏينهن اڳ سول لين لين ٿاڻي جي حد نماڻي سنگت مان نائين درجي جي هندو شاگردياڻي پاران پنهنجي پريمي مزدور علي رضا سولنگي سان گهران فرار ٿي ٻن ڏينهن بعد امروٽ شريف جي گادي نشين وٽ پيش پئي سندس هٿ تي ڪلمو پڙهڻ بعد علي رضا سولنگي سان نڪاح ڪرڻ واري خبرن بعد مهڪ/عليزا وارو مامري ڇڪتاڻ اختيار ڪري ورتي آهي نانڪي عرف مهڪ پاران امروٽ شريف ۾ مسلمان ٿي وڃڻ بعد جيڪب آباد پوليس کيس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڪالهه صبح پوليس جي سخت پهري هيٺ سول ڪورٽ ۾ فرسٽ سول جج جوڊيشنل مئجسٽريٽ امتياز لاکير جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي پوليس پاران عدالت ۾ مهڪ/عليزا اغوا ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل نوجوان ڇوڪري جي مڙس علي رضا سولنگي کي پيش نه ڪرڻ سبب عدالت ڇوڪري جا 164 جا بيان به قلم نه ڪيا ۽ اڄ ٻيهر نوجوان سميت پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ان موقعي تي ڇوڪري جا وارث امڙ، ناني، ڀيڻ سميت مٽ مائٽ به عدالت پهچي کيس واپس گهر هلڻ جون منٿون ڪندا رهيا.ڇوڪري جي عدالت ۾ پيشي دوران پوليس پاران انتهائي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا ۽ عدالت جا دروازا پڻ بند ڪيا ويا هئا.ٻي طرف عدالت ۾ ڇوڪري جا بيان نه ٿيڻ خلاف هندو برادري پاران احتجاج، عدالت ٻاهريان ڌرڻو ڏيڻ شهر ۾ ڪاروبار بند ڪري قومي شاهراه تي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڇوڪري واپس ڪرڻ جي گهر، عدالت ۾ بيان نه ٿيڻ ۽ ڇوڪري جي واپس وڃڻ تي هندو برادري جا نوجوان مڇرجي پيا، هندو برادري جا نوجوان مرد ۽ عورتون وڏي تعداد ۾ عدالت ٻاهريان گڏ ٿي ويا ۽ ڊي سي چوڪ کان عدالت طرف مارچ تي پوليس پاران روڪڻ تي هندو برادري جي ماڻهن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون ۽ هندو برداري جا مڇريل ماڻهو پوليس کي ڌڪا ڏيئي عدالت پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ عدالت جي مکيه دروازي آڏو لائوڊ اسپيڪرن ذريعي نعرا هڻدا رهيا ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا هندو برادري جي ماڻهن ڪجهه دير عدالت ٻاهريان ڌرڻو ڏيڻ بعد پوڄ هندو جنرل پنچائت جي اڳوڻي صدر بابو مهيش ڪمار لاکاڻي جي اڳواڻي ۾ هندو برادري جو ڪاروبار بند ڪرائڻ بعد ريلي جي صورت ۾ سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ سکر_جيڪب آباد قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي ھندو پنچائت جي اڳوڻي صدر بابو مھيش لاکاڻي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي نياڻين کي اغوا ڪيو پيو وڃي پنج ڏينهن کان پوليس نياڻي سان ملڻ نه ٿي ڏئي عدالت جي احترام ۾ عدالت ٻاهريان ڌرڻو ختم ڪندي قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو آهي مسلمان ڀائر به اسان سا ٿيندڙ اهڙي ظلم خلاف اسان جي حمايت ڪن مهڪ رڳو هندو نه پر مسلمانن جي به نياڻي آهي هڪ نابالغ نياڻي جو مذهب ڪئين ٿو مٽائي سگهجي اهو ڏوهه آهي ۽ اهڙو عمل ڪندڙن خلاف عدالت پاران ڪارروائي ڪئي وڃي. جڏهن ته شھر ۾ افراتفري واري صورتحال کان پوءِ ضلعي جي ٺل ۽ ڳڙهي خيرو پوليس سميت سموري پوليس نفري کي جيڪب آباد  طلب ڪيو ويو جڏهن ته خبر فائيل ٿيڻ وقت تائين ھندو برادري جو قومي شاهراهه تي مھڪ عرف عليزا جي بازيابي لاءِ احتجاج جاري آھي.