مهڪ ڪماري جي ڄمار 16 سال، مڙس کي ملڻ جي اجازت ملي وئي

جيڪب آباد:- جيڪب آباد جي عدالت ۾ مھڪ عرف عليزا جي مڙس جي دارالامان ۾ ملاقات لاءِ درخواست داخل جج ملڻ لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي خبر موجب جيڪب آباد جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ھندو نياڻي مذھب مٽائي مسلمان ٿي پيار جو پرڻو ڪندڙ علي رضا سولنگي پنهنجي زال مھڪ عرف عليزا سان دارالامان لاڙڪاڻي ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڪيل غلام محمد ابڙو معرفت درخواست داخل ڪئي ته مون کي پنهنجي زال سان ملڻ ڏنو وڃي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج پريمي علي رضا سولنگي کي پنهنجي زال مھڪ عرف عليزا سان ملڻ لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي آهي ٻئي طرف ڪالهه ناري جي عمر جاچڻ لاءِ کيس چانڊڪا اسپتال آندو ويو جتي ماهر ڊاڪٽرن تي مشتمل ميڊيڪل بورڊ پاران ناري جون مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون. ذريعن موجب ميڊيڪل بورڊ پاران ناري جي عمر 16 سال ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته اهڙي رپورٽ چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ پاران ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جيڪب آباد کي اماڻي ڇڏي آهي. هوڏانهن ناري جون ٽيسٽون ڪرائڻ بعد کيس سخت پوليس پھري هيٺ ٻيهر دارالامان اماڻيو ويو آهي.