مهراڻ يونيورسٽي جو 15 ڏينهن کان گم ٿي ويل شاگرد جو حيدرآباد واهه ويجهو لاش هٿ

حيدرآباد :- 13 جنوري تي ڪوٽڙي ويندي مبينا طور گم ٿي ويل مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد جو حيدرآباد ويجهو واهه مان لاش هٿ. وارثن جو سندس دوستن تي شڪ. ڇلگري ٿاڻي جي حد مان ڦليلي موري ڀرسان اڪرم واهه مان لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ ڄامشوري واسي مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد فتح شير راجپوت جي نالي سان ٿي. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي. وارثن جو چوڻ آهي ته فتح شير 13 جنوري تي دوست جي سالگرهه تقريب لاءِ ڪوٽڙي ويو هو، جتان واپس نه موٽيو، سندس پيءُ چيو ته خدشو آهي ته نوجوان کي دوستن گهرائي قتل ڪيو آهي، جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.