مهراڻ يونيورسٽي جو پروفيسر ڪراچي ايئرپورٽ تان کنڀجي ويو

ڪراچي : مهراڻ يونيورسٽي جو پروفيسر ڪراچي ايئرپورٽ تان کنڀجي ويو. پروفيسر انعام ڀٽي استنبول جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ته ڪراچي ايئرپورٽ ٻاهران اڻڄاتل ماڻهو کيس کنڀي ويا. پروفيسر انعام ڀٽي سان گڏ پُٽ هو، جنهن کي اڻڄاتل ماڻهن ڇڏي ڏنو.
انعام ڀٽي مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪيميڪل شعبي جو پروفيسر ۽ يونيورسٽي جي آفيس آف ريسرچ انوويشن اينڊ ڪمرشلائيزيشن شعبي جو ڊائريڪٽر پڻ آهي. مهراڻ يونيورسٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پروفيسر انعام ڀٽي ترقي جي ريسرچ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ته ايئرپورٽ ٻاهران کيس اهو چئي روڪيو ويو آهي ته سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي.