مهان قوي شيخ اياز جي اڄ 22هين ورسي ملهائي ويندي

ڀٽ شاهه :- سنڌ جي مهان ڪوي شاعر شيخ اياز جي اڄ 28 ڊسمبر تي 22 هين ورسي لطيف جي نگري ۾ ڪراڙ جي ڪپ ڀرسان مزار تي ملهائي ويندي ،ورسي جي موقعي تي شيخ اياز يادگار ڪميٽي پاران هر سال جيان تقريب منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ، شيخ اياز يادگار ڪميٽي جي چيئرمين ديوان گاگن داس پاران شيخ اياز جي ورسي ملهائڻ بابت تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ، جڏهن تـ ثقافت کاتي طرفان بـ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم گل شيخ ۽ غلام مجتبا جوکيو جي اڳواڻي م شيخ اياز جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ويندي ، ٻي پاسي نالي وارا اديب ، دانشور ، شاعر ۽ سياسي سماجي ۽ صحافي بـ مزار تي پهچي شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪندا ، هن سال پروگريسو الائنس ضلع مٽياري ۽ شاهه لطيف پريس ڪلب ڀٽ شاهه طرفان سنڌ جي مهان قوي شيخ اياز کي ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪندي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون ، شيخ اياز يادگار ڪميٽي پاران منعقد ڪيل ورسي تقريب دوران نالي وارا فنڪار سنڌ جي مهان قوي کي پنهنجي ئي شاعري ذريعي ڪلام پيش ڪري ڀيٽا پيش ڪندا ، ان حوالي سان يادگار ڪميٽي جي چيئرمين ديوان گاگن داس جو چوڻ آهي شيخ اياز سنڌ جو وڏو شاعر ٿي گذريو ، جيڪو اڄ بـ اسان جي دلين ۾ زندهه آهي ، هن چيو تـ شيخ اياز سنڌ وطن لاءِ قومي گيت پيش ڪري سنڌ جي نوجوانن ۾ نئون ولولو ۽ اتساهه پيدا ڪيو ۽ پنهنجي انقلابي شاعري سان سنڌ جي خدمت ڪئي آهي اسين ان کي 28 ڊسمبر تي 22 هين سالگرهه ملهائي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪنداسين .