مني لانڊرنگ ڪيس، هڪ ڀارتي شهري آصف زرداري لاءِ مني لانڊرنگ ڪندو آهي: ناصر لوٿا

اسلام آباد :- ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو انڪشاف سامهون اچي ويو، سلطاني شاهد ناصر لوٿا موجب هڪ ڀارتي شهري اڳوڻي صدر آصف زرداري لاءِ مني لانڊرنگ ڪندو رهيو آهي. ناصر لوٿا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ رڪارڊ ڪرايل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مني لانڊرنگ ۾ ڀارتي شهري به ملوث آهي. هن چيو ته آصف زرداري سان صدر هائوس ۾ ملاقات ٿي، جتي عبدالغني مجيد به ويٺل هو، آصف زرداري چيو ته هن جو خيال رکو، هي سندس خاص ماڻهو آهي. سندس چوڻ هو ته عبدالغني مجيد ۽ حسين لوائي دبئي ۾ سندس پيلس تي آيا هئا ۽ هنن ٻنهي سمٽ بئنڪ قائم ڪرڻ بابت ٻڌايو. ناصر لوٿا موجب انهن ٻنهي چيو ته هو جيڪي پيسا ڏيندا، انهن جي دبئي ۾ سيڙپ ڪئي وڃي. ناصر لوٿا موجب هڪ ڀارتي شهري اشيش مهتا اڳوڻي صدر آصف زرداري جا پئسا وٽس پهچائيندو رهيو، سندس سمٽ بينڪ ۾ هڪ به شيئر ناهي.