منهڙو ڀرسان روهڙي ڪئنال کي گهارو پوڻ سبب بيٺل فصل ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

نوشهروفيروز:- منهڙو ڀرسان روهڙي ڪئنال کي گهارو پوڻ سبب 10 وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل به پاڻي ۾ ٻُڏي ويو. آبپاشي عملو دير سان پهچڻ ڪري گهارو وڌي 250 سئو فوٽ ٿي ويو آهي. صورتحال ڪنٽرول مان نڪرڻ بعد انتظاميا ۽ آبپاشي اختياريون حرڪت ۾ آيا. يوسف ڏاهري موري ڀرسان روهڙي ڪئنال کي لڳل گهارو وڌي 250 سئو فُٽ ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. گهارو پوڻ جو ٻڌندي ئي ڀرپاسي جي علائقن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو ۽ ڳوٺاڻا پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌڻ ۾ لڳي ويا، پاڻي گهرن ڏانهن وڌڻ ڪري ڳوٺاڻا پريشاني ۾وڪوڙجي ويا. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملو نه پهتو. گهاري جو پاڻي ڳوٺ مريد ڏاهري، لنڊ ڪڙيو، رسول بخش ڏاهري ۽ عزيز گُجر سوڌو ٻين ڳوٺن جي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گهاري سبب 10 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. آبپاشي عملو 4 ڪلاڪ دير سان پهتوآهي، جڏهن ته گهارو ٻڌڻ لاءِ ڳري مشينري به گهرائي وئي آهي، ڊي سي به آبپاشي عملي سان گڏ چئن ڪلاڪن کانپوءِ پهتو. پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ ڪري ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن.