منهنجو ڏوهه ايترو آهي ته پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو ۽ ماڻهن کان به ڏياريو : وزيراعظم هائوس آڏو باهه ڏئي ساڙيندڙ شهري فوت

اسلام آباد :- وزيراعظم هائوس آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ شهري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، پاڻ کي باهه ڏيندڙ شهري کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي اڄ فوت ٿي ويو، شهري وٽان وزيراعظم هائوس کي لکيل خط به مليو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته “منهنجو ڏوهه ايترو آهي ته پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو ۽ ماڻهن کان به ڏياريو” خط ۾ حڪومتي پارٽي جي عهديدار خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته مون پير وڌائي ٿاڻي تي وڃي دانهيو پر ڪارروائي نه ٿي، ويتر مون مٿان 20 ليٽر شراب جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو، مون حڪمران پارٽي جي هڪ عهديدار خلاف وزيراعظم سيڪريٽريٽ کي درخواست ڏني هئي.