ملڪ ۾ تعليمي ادارا سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ ايس او پيز تحت کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد:-  ملڪ ۾ تعليمي ادارا سيمپٽبر جي پهرين هفتي ۾ سخت ايس او پيز سان کولڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليم ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽  گلگت بلتستان جا تعليم وارا وزير شريڪ ٿيا. ڪانفرنس دوران ملڪ ۾ اسڪول ايجوڪيشن سميت تعليم بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. ڪانفرنس ۾ تعليم وارن وزيرن اتفاق ڪيو ته تعليمي ادارا کولڻ کان اڳ ڪورونا وائرس جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، قطعي منظور اين سي او سي کان ورتي ويندي. تعليمي ادارن کي ايس او پيز سان امتحان وٺڻ جي به اجازت هوندي، تعليمي ڪانفرنس ۾ سيپٽمبر کان اڳ وڌيڪ به اجلاس گهرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، اجلاس دوران صوبائي وزير سعيد غنيءَ وفاق کان خانگي اسڪولن خاص طور ننڍن اسڪولن کي بنا وياج قرض فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. سندس چوڻ هو ته خانگي اسڪول موجوده صورتحال ۾ سخت مالي بحران جو شڪار آهن، کين قرض مليو ته ان جو فائدو به ٻار کي ئي ٿيندو. سعيد غني چيو ته هو سمجهن ٿا ته موجوده صورتحال ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن لاءِ ان اسڪولن کي رليف فنڊ فراهم نه ٿو ڪري سگهجي، پر اسٽيٽ بئنڪ ذريعي بنا وياج قرض وفاق برداشت ڪري ته ممڪن ٿي سگهي ٿو. تعليم واري وفاقي وزير  شفقت محمود، سعيد غني جي تجويز جي ساراهه ڪئي. سندس چوڻ هو ته  ان بابت هو جلد وزيراعظم عمران خان سان ڳالهائي تجويز کان آگاهه ڪندو