ملڪ کي ڪرپشن ذريعي لٽيندڙ واجبُ القتل آهن، ايترو ظلم چنگيز خان ۽ هَلاڪُو به نه ڪيو هو، جيترو ٻن جماعتن پاڪستان سان ڪيو: وفاقي وزير غلام سرور

اسلام آباد : هوا بازِي وارَي وفاقي وزير غلام سرور خان جِي اپوزيشن تي تنقيد، ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي ڪرپشن ذريعي لٽيندڙ واجبُ القتل آهن، ايترو ظلم چنگيز خان ۽ هَلاڪُو به نه ڪيو هو، جيترو ٻن جماعتن پاڪستان سان ڪيو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته 35 سالن تائين ملڪ کي لٽيندڙ چور، ڦورو ۽ ملڪ دشمن آهن، اُنهن بَد ڪِردار ماڻهن جمهوريت جَي نالي تي ملڪ کي لٽيو، وفاقي وزير جَي بيان تي اپوزيشن جماعتن جو سخت ردعمل، پ پ جَي نيئر بخاري چيو ته غلام سرور خان ته اُن عرصي ۾ به پيپلزپارٽي جو حصو هو، ته ڇا هو پاڻ کي به واجبُ القتل قرار ڏئي رهيو آهي، نون ليگ جِي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته هِي دهشتگرد حڪومت آهي، ڪابينا ۾ ٻنهي پاسن کان مافياز ويٺي آهي.