ملڪ کي پاليندڙ سنڌ جا ماڻهو ايڊز ۽ ڪاري ڪامڻ وگهي مري رهيا آهن: صدر عوامي تحريڪ

ميرپورخاص :- عوامي تحريڪ جو سنڌ بچايو ، وسيلا بچايو ، عوامي سجاگي مارچ مرڪزي صدر وڪيل سجاد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ميرپورخاص پهتو، جتي سندن شاندار استقبال ڪيو ويو.مارڪيٽ چوڪ تي مرڪزي صدر وڪيل سجاد چانڊيو خطاب ڪندي چيو سنڌ 63 سيڪڙو گئس ڏئي ٿي ۽ ايتروئي تيل به ڏئي ٿي،سنڌو دريا جي پاڻي تي پاڪستان جون زمينون آباد ٿين ٿيون ڪراچي بندر مان 60 سيڪڙو روينيو ملي ٿو ان باوجود سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل آهن سنڌ جون مائرون ٻار وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ خودڪشين جا واقعا به تمام گهڻا ٿي رهيا آهن ،لاڙڪاڻي ۾ ڪتي جي چڪ سبب نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿيو ، 40 سيڪڙو شهري ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا آهن ۽ پاڻي ڪميشن پڌرو ڪيو ته 80 سيڪڙو سنڌ واسي گٽر مليل پاڻي واپرائن ٿا ، سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي ڊي ايڇ اي ۽ بحريا ٽاوئون حوالي ڪيون پيون وڃن جيڪڏهن ڪو غريب ماڻهو روزگار لاءِ ڪٿي ڪيبن رکي ٿو ته سندن مٿان پوليس ڪڙڪي پوي ٿي پر هزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪندڙ ملڪ رياض کي ڪجھ به نٿو چيو وڃي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته ملڪ رياض ۽ سندس حڪومتي سهولت ڪارن کي گرفتار ڪري قبضي ڪيل زمينون واپس ڪرايون وڃن پر ان تي عمل ڪرڻ بدران ملڪ رياض کان 460 ارب روپيا وٺي کيس زمينون ڏنيون ويون اهو فيصلو قانون جي اصل روح کان هٽي ڪري ڪيو ويو آهي اهي زمينون واپس ڪري مقامي سنڌي ماڻهن  کي ڏنيون وڃن سنڌ جي سامونڊي علائقن تي سازش تحت نيشنل ڪوسٽل ڊولپمنٽ اٿارٽي سميت ٻيا ادارا ٺاهي لکين ايڪڙ زمين سامونڊي علاقئن وارا شهر وفاق حوالي ڪيا پياوڃن ،تبديلي سرڪار وڻڪاري مهم جا ڊراما ڪري رهي آهي جڏهن ته سنڌ جي ڊيلٽا جو پاڻي بند ڪري تباه ڪيو ويو آهي جنهن  ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي. ان کانپوءِ سجاڳي مارچ ڪوٽ غلام محمد پھتو، جتي پڻ شهرين سندن شاندار آجيان ڪئي