ملڪ کي سياسي بحران کان بچائڻ جي لاءِ سليڪٽرن کي پنهنجو لاڏلو ڇڏڻو پوندو: بلاول زرداري

ڪراچي :- پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده سليڪٽڊ حڪومت ۾ ادارن کي تڪراري بڻايو ويو هاڻ وقت اچي ويو ته سليڪٽڊ حڪومت کي گهر موڪلڻ جي لاءِ فيصلي جوڳو قدم کنيو وڃي.ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار سامهون جلسي کي خطاب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنهن پاسي نظر ڊوڙايو توهان کي بي انصافي نظر ايندي، ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکيو ويو آهي، سي پيڪ تي ڪم بيهي ويو آهي، ملڪ جي ادارن کي تڪراري بڻايو ويو آهي، هي پاڪستان جا ادارا آهن انهن جو تحفظ اسان ئي ڪنداسين اسان چاهيون ٿا ته اسان جا ادارا غير تڪراري رهن.پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ ملڪ جي سالميت سان کيڏڻ جي برابر هوندو، خان ڌانڌلي ورتل حڪومت کي گهر موڪلينداسين ۽ ملڪ کي سياسي  بحران کان بچائڻ جي لاءِ سليڪٽر کي پنهنجو لاڏلو ڇڏڻو پوندو، هاڻ وقت اچيو ويو آهي ته سليڪٽڊ حڪومت کي گهر موڪلڻ جي لاءِ فيصلي جوڳو قدم کنيو وڃي.هن چيو ته 2007ع ملڪ ۽ ان جي قوم جي لاءِ ڳرو سال هو، بينظير پنهنجو سر ڏنو پر ڪنهن دهشتگرد يا آمر جي سامهون نه جهڪي، ڪارساز سانحي کي 12 سال گذري چڪا، اسان پنهنجي شهيدن وساريو ناهي ۽ نه ئي وسارينداسين.