ملڪ قرضي آهي، ميڊيا آزاد ناهي، نيازي ته نواز کان به ٻه وکون اڳتي آهي: جلال محمود شاهه

ڄامشوروسائين جي ايم سيد جي 116 هين سالگرھ جي سلسلي ۾ ايس يو پي جلسو سائين جي ايم سيد جي درياھ واري بنگلي تي ٿي گذريون، جلسي جي شروعات سائين جي ايم سيد جي 116 هين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽي ڪئي ، سالگرھ جو ڪيڪ ايس يو پي سربراھ سيد جلال محمود شاھ ، جونيئر جي ايم سيد ، رٽائر جسٽس وجيهه الدين احمد ، عوامي جهموري پارٽي جو اڳواڻ وشنو مل سيد زين شاھ مولانا ناصر احمد ٻين ڪاٽيون جڏهن ته ايس يو پي جي پنڊال ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻ دانشور قومي ڪارڪنن ۽ عورتن جو وڏو انگ موجود آهي ، ايس يو پي سربراھ سيد جلال محمود شاھ سالگرھ جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته هن ملڪ جي بدقسمتي آهي جو سامراج حڪومت جا نتيجا ڏسي چڪا آهيون ورلڊ بينڪ مان قرض کڻي ربردستي ماڻهن تي ٽئڪس هڻي ماڻهن جي پئسي مان مڪ هلايو ٿو وڃي ، جڏهن ته ٽئڪس هڻڻ جي باوجود به ماڻهن کي ڪجھ به نه ٿو ڏنو وڃي، اسان هن ملڪ مان غير محفوظ آهيون اسان جنهن گھرن ۾ رهون ٿا اهي محفوظ ناهن ملڪ جو 40 سيڪڙو غريب اڻپڙهيل آهي اسان دنيا جي مقابلي ۾ گھڻو پوئتي آهيون، هن ملڪ ۾ وزير اعظم کان پٽيوالي تائين ڪرپشن آهي جنهن ملڪ کي تباھ ڪيو آهي وڏي ڳالهه اها آهي ته هن ملڪ ۾ احتساب ۽ انصاف ناهي، جن هن ملڪ جي حڪومت مان فائدو ورتو آهي اهي حڪمرانن کي فائدو ڏئي رهيا آهن، هن وقت جمهوريت ڪنٽرول نه آهي ميڊيا ڪنٽرول به وفاق وٽ آهي اڻ برابري جي ڪري اسان جا حق کاڌا پيا وڃن عمران خان اهو ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو نواز شريف به نه ڪيو منهنجو مقصد اهو آهي ته مذهبي دهشتگردي وڌي وئي آهي ايشيا ۾ ڪيترن ئي طالبن جي يونين تي پابنديون آهن اڄ عورتن ٻارن ، ڊاڪٽرن ۽ سرمائيندارن کي رياست ڪمزور ڪري رهي آهي جنهن طاقتور قوت ٻٽو نظام آندو ان ئي خلاف جدوجھد ڪئي ، پهرين سن ٽائون ڪميٽي آهي پر هاڻ ٻهراڙي ۾ ٽائون ڪمٽيون ٺاهن ٿا اها ڪرپشن آهي شهرن ۽ ٻهراڙين کي الڳ ڪري ٻيهر ٻٽو نظام آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن جي لاءِ اسان کي جدوجھد ڪرڻي پوندي، هي ملڪ تباهي طرف وڌي رهيو آهي اسان ايندڙ وقت ۾ پ پ پ جي خلاف جدوجھد ڪنداسون ۽ اصل بلدياتي نظام آڻينداسون، اسان ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺنداسون..