ملڪ رياض هڪ کرب رپين جي ايراضي اسڪينڊل ۾ جوابدار نامزد

اسلام آباد:-  قومي احتساب بيورو نيب  ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ رفاهي پلاٽ تي پاڪستان جي سڀني کان وڏي عمارت بحريه آئيڪون ٽاور جي تعمير جي لاءِ غيرقانوني الاٽمينٽ تي ريئل اسٽيٽ ٽائيڪون ملڪ رياض ۽ ٻين جي خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو.ڄاڻايل ريفرنس اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي خلاف جعلي اڪائونٽس ڪيس  جو ئي هڪ حصو آهي. هي پهريون ريفرنس آهي جنهن   ۾ بحريه ٽائون جي چيئرمين کي نامزد ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه ريفرنس ۾ نامزد جوابدارن ۾ پ پ جو اڳوڻو سينيٽر يوسف بلوچ، سنڌ جي وڏي وزير جي اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر ڊنشا انڪل سريا، اڳوڻو چيف سيڪريٽري سنڌ عبدالسبحان ميمڻ، اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل پارڪس لياقت قائمخاني، وقاص رفعت، غلام عرف، خواجه شفيق، جميل بلوچ، افضل عزيز، سيد محمد شاهه، خرم عارف، عبدالڪريم پليجو، خواجه بدالززمان ۽ ٻيا شامل آهن.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نيب جو گهڻو ڪري اپوزيشن اڳواڻن جي خلاف صرف جاچ جي سطح تي ئي پريس رليز جاري ڪرڻ ۾ ڦڙتي ڏيکاريندو رهيو آهي نيب طرفان هن ڀيري نه ته ڪو بيان ڏنو ويو ۽ نه ئي ريفرنس جي تفصيلن جي باري ۾ ميڊيا کي آگاهي ڏني وئي.پر هاڻ احتساب عدالت جي رجسٽرار وٽ فائل ڪيل ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته باغ ابن قاسم سان ملندڙ جنهن رفاهي پلاٽ تي بحريه ٽائون آئيڪون ٽاور تعمير ڪيو اهي ان کي غيرقانوني طور تي الاٽ ڪري قومي ناڻي کي هڪ کرب روپين جو نقصان پهچايو ويو.